52 ورهين جي عمر ۾ منهنجو رقص پسند ڪيو وڃي ٿو: ملائڪا

52 ورهين جي عمر ۾ منهنجو رقص پسند ڪيو وڃي ٿو: ملائڪا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر ملائڪا اروڙا 52 ورهين جي عمر ۾ به آئٽم سانگز ڪرڻ تي چيو آهي ته مون کي ان تي ڪنهن قسم جي معذرت يا وضاحت ڏيڻ جي ضرورت ناهي. ملائڪا اروڙا هڪ يوٽيوب شو ۾ پنهنجي ڪيريئر، ذاتي زندگي ۽ ٻين معاملن تي کليل نموني ڳالهايو. هن چيو ته مون کي اهو ڪم گهٽائڻ يا ان تي معافي گهرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ماڻهو ٽرول ڪندا آهن ۽ مختلف ڳالهيون ڪندا آهن پر مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ سندس چوڻ هو ته رقص هڪ اظهار آهي، جنهن کي ان جي اصل خوبصورتي ۽ اصل صورت ۾ انجواءِ ڪرڻ گهرجي، پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي ته مان 52 ورهين جي عمر ۾ به اهو سڀ ڪري سگهان ٿي، ضرور مان ڪجهه درست ڪري رهي آهيان.