531 جيئرا ماڻهو مئل ڄاڻايا ويا، آمريڪي صحت کاتي جي معذرت

531 جيئرا ماڻهو مئل ڄاڻايا ويا، آمريڪي صحت کاتي جي معذرت

نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ آمريڪي صحت جي مرڪز پاران 531 کان وڌيڪ ماڻهن کي غلطي سان تعزيتي  خط موڪلڻ تي معذرت ڪري ڇڏي. مقامي ميڊيا مطابق آمريڪي رياست ۾  مين صحت مرڪز ۾ ڪمپيوٽر سسٽم ۾ خرابي جي ڪري اهلڪارن 531 جيئرن  ماڻهن کي انهن جي موت بابت تعزيت جا خط موڪليا. هيلٿ جي  اهلڪارن پنهنجي بيان ۾ چيو ته “مين هيلٿ” هن غلطي تي تمام گهڻي شرمسار آهي. عالمي خابرو ادارن موجب غلطي جو سبب هڪ ڪمپيوٽر پروگرام هو جيڪو خط تيار ڪندو آهي. مين هيلٿ هڪ غير منافع بخش صحت جو مرڪز آهي، جيڪو هڪ ليول 1 ٽراما سينٽر ۽ 8 ٻين اسپتالن کي هلائيندو آهي.