57 ارب جون رهتون : سنڌ سرڪار ۽ ڪي اليڪٽرڪ آمهون سامهون : سي اي او طلب
سيپٽمبر 5, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ۽ ڪي اليڪٽرڪ رهتن جي معاملي تان آمهون سامهون، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ هڪٻئي ڏانهن اربين روپين جي رهتن جا معاملا سامهون اچي ويا آهن. ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ سنڌ حڪومت جون اليڪٽرسٽي ڊيوٽي جي مد ۾ 29 ارب رپين جون رهتون ادا ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪي اليڪٽرڪ اختيارين جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڏانهن ڪي اليڪٽرڪ جا بجلي بلن جي مد ۾ 28 ارب رپيا رهيل آهن، انهي ڪري اليڪٽرسٽي ڊيوٽي وارا 29 ارب نه ڏينداسين. اجلاس ۾ اهو انڪشاف پڻ ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان 2015ع کان اليڪٽرڪ سٽي ڊيوٽي ادا نه پي وئي، اها رقم 9 سالن ۾ وڌي 29 ارب ٿي وئي آهي، پي اي سي چيئرمين نثار کهڙي رهتن واري معاملي کي اُڪلائڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اِي او کي 10 ڏينهن اندر پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي وٽ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.