59 آرٽيڪلن ۾ ترميمون هڪ ڪلاڪ 22منٽن ۾ منظور ٿيون

59 آرٽيڪلن ۾ ترميمون هڪ ڪلاڪ 22منٽن ۾ منظور ٿيون

اسلام آباد: سينيٽ جي ايوان مجموعي طور تي 59 آرٽيڪلن ۾ ترميمن تي ٻڌل 27هين آئيني ترميم هڪ ڪلاڪ 22 منٽن ۾ منظور ڪئي، سينيٽ ۾ قانون جي وزير، اعظم نذير تارڙ 4 لڳي 51 منٽن تي آئيني ترميم منظوري لاءِ پيش ڪئي، جنهن کي 6 لڳي 13 منٽن تائين منظوري جو عمل مڪمل ڪري منظور ڪيو ويو، ائين 27 آئيني ترميم ڪل هڪ ڪلاڪ 22 منٽن ۾ منظور ڪئي وئي.