| 6 ٽن چرس: سنجھوري جي وڪيل ۽ ساٿين کي جنم ٽيپ |
سنجھورو (ن پ ا) سانگھڙ جي عدالت سنجھوري جي وڪيل منظورکورکاڻي ، زيتون خان، ڪاشف خان ۽ ٻين کي 6 ٽن چرس ھٿ اچڻ واري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن کي عدالت مان گرفتار ڪري سانگھڙ جيل منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته 2 جوابدارن عباس کورکاڻي عرف انب بلوچ ۽ شڪيل احمد کي اشتھاري قرار ڏنو ويو آھي