6 ڪئنال سنڌ تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، پ پ ٻٽي پاليسي پئي هلي: پاڻي ڪانفرنس ۾ وزيراعليٰ هائوس جي گهيراءَ جو چتاءُ

جنوري 27, 2025

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي سنڌ جي ميزباني ۽ صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جي صدارت هيٺ مقامي ھوٽل ۾ ٿيندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ شريڪ سياسي، مذھبي ۽ قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن، وڪيلن، صحافين، دانشورن، زرعي ۽  پاڻي ماهرن، اقليتن، آبادگارن توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن وفاق پاران سنڌوءَ مٿان غير قانوني ۽ ارسا ايڪٽ جي خلاف 06 نوان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي کي رد ڪندي ان کي سنڌ سُڪائڻ جي سازش ۽ قيمتي زمينن جي والار توڙي نون ڪئنالن جي رٿا تي پ پ جي ٻٽي پاليسي کي سنڌ دشمني قرار ۽ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ جي عوام جي ڀرپور احتجاج باوجود وفاق پاران نوان ڪئنال ٺاهڻ جي هوڏ کي قومي وحدت خلاف ۽ بنگلاديش جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ برابر قرار ڏيندي اعلان ڪيو ته اگر پ پ ان عوام دشمن رٿا کي رد ڪرڻ جو سنڌ اسيمبلي قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ ٺھراءُ منظور  نه ڪرايو ۽ منافقت واري سياست ختم نه ڪئي ته سڀئي ڌريون گڏجي وزير اعليٰ هائوس جو گهيراءَ ڪنديون، جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ صدارتي چيو ته ماضي وانگر نون ڪئنالن تي پڻ پيپلزپارٽي سھولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رھي آھي، ھن ٻٽي معيار ۽ سنڌ جي وسيلن جي سودي بازي تي سنڌ جو عوام ۽ تاريخ ڪڏھن به معاف ڪو نه ڪندي.حڪمران مسلسل سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪري رھيا آھن. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جو عوام ۽ سياسي ڌريون گڏ ٿي ڪري جدوجهد ڪن  ته ڪئنال ته ڇا انھن جا ھزاين منصوبا به مٽي جو ڍير ٿي ويندا ان موقعي تي ايس يو پي سربراهه ۽ درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو  ته پاڻيءَ حوالي سان وفاقي حڪومت جا سڀئي انگ اکر فيڪ ۽ ڌوڪي تي ٻڌل آھن، نون ڪئنال ٺھڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو اڳ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن. اھڙي صورتحال ۾ حڪمرانن پنھنجي ڪيل ڪرتوتن تي ضرور سوچڻ گھرجي ڇو ته ان صورتحال ۾ افراتفري نه پر سلامتي جا مامرا سامھون ايندا آھن. ھڪ پاسي طاقت ۽ طرف 7ڪروڙ ماڻهو آھن، عددي اڪثريت ۽ بندوق جي طاقت پاڻي سميت سنڌ جي حقن تي ڌاڙو لڳايو پيو وڃي. ان ڪري قومي ٻڌي ۽ قومي سجاڳيءَ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي لکين ماڻھن کي آگاھي ڏيئي ڪروڙين ماڻھن جي زندگي بچائي وڃي. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيوته پاڻي انساني زندگيءَ جي ضرورت آھي. انڊس سنڌ ۾ پاڻي جو واحد ذريعو آھي. جيڪڏھن ڪئنال ڪڍيا ويا  ته سنڌ اجتماعي قبرستان بڻجي ويندي. ھي منصوبو دراصل  پنجاب جي بيوروڪريسي جو آھي جيڪا ھميشه پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جا منصوبه جوڙيندي رھي آھي قومون سڄاڳ ھجن ته جابر ۽ ظالم حڪمران ڪجھ نٿا ڪري سگھن.ھي اسان جي بقا جي جنگ آھي.جيڪا ريڊ نه پر لائف لائن آھي، ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جي صدر مولانا اسد ڀٽو چيوته سنڌ کي برباد ڪري چولستان آباد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آھي. پاڻي جو مسئلو سنڌ جو قومي مسئلو بڻجي ويو آھي سنڌ جي پاڻي کي بچائڻ لاءِ جان به ڏيڻي پئي  ڏينداسين. فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم چيوته پير  پاڳاري سائين واضح ڪيو آھي ته سنڌ جي پاڻي لاءِ ھو آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آھي. سنڌ آباد گار بورڊ جي نائب صدر سيد نديم شاھ ڄاموٽ چيو ته پاڻي اسان لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ آھي. سنڌ کي پنھجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي.پنجاب جي غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاء سنڌ جي 70لک ايڪڙ زمين کي غير آباد ڪيو پيو وڃي. جيئي سنڌ  قومي پارٽي جي صدر محمد نواز زنئور  چيو  ته دريائن تي پھريان حق ٽيل وارن جو آھي ان ڪري سنڌو تي  به پھريون حق سنڌ واسين جو آھي، ڪسان بورڊ سنڌ جي صدر عبدالقدوس احمداڻي چيو  ته سنڌوءَ سنڌ جي عوام جو ساھ ۽ اسان جو مستقبل آھي،نوان ڪئنال سنڌ تي وار آھي. چيئرمين علماء فيڊريشن آف پاڪستان صاحبزادہ احمد عمران نقشبندي چيو ته پاڻي زندگي آھي. جماعت اسلامي بروقت ڪانفرنس ڪري سنڌ دوستي جو حق ادا ڪيو آھي. مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ سيد فرمان شاھ چيو ته سنڌو تي ڪئنال سنڌ جي تباھي جو ذريعو آھن. ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ سڪائڻ جي سازش بند ڪئي وڃي. درگاھ ڇھيو شريف جي گادي نشين عبدالله شاھ چيو  ته ڪئنال سنڌ تي ڌاڙو آھي سنڌ جو عوام اھڙي ڪا به رٿا ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏيندا. بَرک ڪالم نگار دستگير ڀٽي چيو  ته ھي اسان جي ائندي نسلن جو سوال آھي. پ پ ڪڏھن  به سنڌ سان مخلص ناھي رھي. ھي جمھوريت نه پر بدترين آمريت جو دور آھي. پي ٽي آءِ جي صوبائي اڳواڻ خاوند بخش جھيجو چيوته پاڻي سنڌ جو سنگين مسئلو، ھن مامري تي اسان جماعت اسلامي سان جدوجهد ۾ گڏ آھيون. قومي عوامي تحريڪ جي الطاف خاصخيلي چيو  ته درياھ سنڌ پاڪستان جي بقا جو سوال آھي.صدر زرداريءَ سنڌ جا وسيلا تين وال ڪري ھر صورت ۾ پنھجي پٽ کي وزيراعظم بڻائڻ چاھي ٿو، عوامي تحريڪ جي اسماعيل خاصخيلي چيو  ته جڏھن کان پاڪستان ٺھيو آھي سنڌ خلاف سازشون ٿي رهيون آھن ملڪ خوشحال ۽ سنڌ تباھ 75سالن کان اسان جي وسيلن جي ڦرلٽ جاري آھي. پاڻي ڪانفرنس کي مسلم ليگ ق جي چوڌري مظھرالحق، صدر سنڌ آباد اتحاد نواب زبير ٽالپر، شيعه علما جي سيد معظم شاھ، ھندو پنچائت جي جي ڪمار ڌناڻي، ھاء ڪورٽ بار جي ايڊووڪيٽ افضل گجر ۽ صدر ديال داس ڪلب حاجي نثار ميمن، اسلم مري پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس جو پڌرنامو جماعت اسلامي جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف ملاح جاري ڪيو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض جماعت اسلامي حيدرآباد جي امير حافظ طاھر مجيد انجام ڏنا. جڏھن ته اڳوڻي امير محمد حسين محنتي جي دعا سان ڪانفرنس پنھنجي پڄاڻي تي پھتي.

Leave A Comment