6 ڪئنال نامنظور: سکر ۾ ساڃاهه وندن جي ريلي، ڌرڻو، درياءَ تي ڌاڙو قبول ناهي: اڳواڻ

جنوري 24, 2025

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪاميٽي پاران سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ خلاف لب مهراڻ کان احتجاجي ريلي ڪڍي گلوب چوڪ آڏو ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ سنڌ آبادگار اتحاد، ايوان زراعت و تجارت، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جي ڊي اي سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن، آبادگارن، شاگردن، وڪيلن، عورتن، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سڄاڻ ڌرين شرڪت ڪئي، اِن موقعي تي نواب زبير ٽالپر، سيد زين شاهه، نعمت کهڙو، حسن چاچڙ، جمشير منڱريو، عيدن جاگيراڻي، شائستا کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌوءَ تي 6 نون ڪينالن جو منصوبو سنڌ ۾ ڏڪار آڻڻ، سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جو معاشي قتل عام ڪرڻ جي سازش آهي، پنجاب جا حڪمران گذريل ڏيڍ صدي کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن، پاڻي ٺاهه تحت به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، هنن چيو ته ارسا جي انگن اکرن مطابق هر سال پاڻ جي کوٽ رهي ٿي، سنڌ هڪ ڪروڙ 22 لک ايڪڙ ڪمانڊ ايريا کي ئي گهربل پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي ته وري ٿر ڪيئن آباد ٿيندو، هن منصوبي تحت 80 هزار ايڪڙ زمين ڪمانڊ ايريا ۾ شامل ٿيندي، خبر ناهي اهو پاڻي ڪٿان آڻيندا، هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن، پنهنجي ثقافت، درياءَ سان محبت ڪن ٿا، اهي سنڌوءَ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا، هنن چيو ته ساليانو 184 ارب ڪيوبڪ کان وڌيڪ سنڌ جو پاڻي پنجاب چوري ڪري رهيو آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو جو پاڻي غير مُلڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪيو ويندو ۽ ڪجهه ڪمپنين کي فائدو پهچائڻ خاطر سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي پارٽين کان سواءِ ملڪ ۽ سنڌ جا ماڻهو ڪئنالن جي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، هنن چيو ته سنڌ جو ڪو به ايم اين اي، ايم پي اي اِن سنڌ جي جياپي واري مسئلي تي آواز اُٿارڻ لاءِ تيار ناهي، اُنهن جي وات ۾ منڱ پئجي ويا آهن، سنڌ واسين جي ووٽن ذريعي چونڊيل نمائندن جي نظر ۾ ڪئنال ٺهڻ وارو منصوبو سنڌ جي فائدي ۾ آهي ته مطمئن ڪريو، جيڪڏهن نٿا ڪري سگهو ته ڪالا باغ ديم جيان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي تي روڊن تي نڪرو ۽ جيڪڏهن نٿا نڪري سگهو ته سنڌ لاءِ، سنڌ جي جياپي لاءِ پنهنجي عهدي تان احتجاج طور استعيفيٰ ڏيو، اڳواڻن چيو ته ارسا ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي ورهاست ڪري ۽ آئين کان مٿانهون فيصلو نه ڪري، هنن چيو ته سنڌو درياءَ تي 6 ڪينال اسان کي ڪنهن  به صورت ۾ قبول نه آهن، سنڌو درياءُ تي 6 ڪينال اڏڻ سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪرڻ آهي، جنهن سان سنڌ جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون غير آباد، بڻجر ٿي وينديون، سنڌ سنڌوءَ ڪناري آباد آهي پوءِ به پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، پڇڙي جا آبادگار 12 ئي مهينا پاڻي کوٽ خلاف دانهون ڪن ٿا،  اهڙي صورتحال ۾ نوان ڪئنال اڏڻ سنڌ ۽ سنڌ واسين کي تباهه ڪرڻ جهڙو منصوبو هوندو، هنن چيو ته صدر آصف عزرداري ڪئنالن واري منصوبي جي منظوري ڏني آهي، سنڌ جي عوام جي روڊن تي نڪرڻ تي پ پ اِن منصوبي کي رد ڪرڻ جا بيان ڏئي رهي آهي، جيڪو ٻٽو معيار آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ايتري سنجيده ۽ ڪئنالن واري منصوبي جي مخالف آهي ته هن وقت تائين وفاقي، صوبائي اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڇو ناهي ڪرائي وئي، وفاقي حڪومت سنڌ جي پرزور مطالبي تي ڇهه نوان ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو واپس وٺي ٻي صورت ۾ رت جي آخري قطري، مرڻ تائين ڪئنالن خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي. جنهن ۾ اسان جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائينداسين.

 

Leave A Comment