6 وفاقي وزارتون ۽ ڏيڍ لک خالي آساميون ختم ڪرڻ جو اعلان: نان فائلرز گاڏيون ۽ ملڪيت خريد ڪري نه سگهندا: ناڻي وزير
سيپٽمبر 30, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت 6 وفاقي وزارتون ۽ ڏيڍ لک خالي آساميون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نان فائلرز گاڏيون ۽ ملڪيت خريد ڪري نه سگهندا، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت 6 وزارتن کي ختم ڪرڻ، 2 کي ضم ڪرڻ ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارا آڻڻ تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزارتن ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ خالي جايون ختم ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ فائلرز جو تعداد ٻيڻو ٿي 32 لک ٿي ويو آهي ۽ نان فائلرز هاڻي گاڏيون ۽ ملڪيت خريد نه ڪري سگھندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، حڪومتي پاليسين جي نتيجي ۾ مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪيو ويندو، ڪوشش ڪنداسين ته ٽيڪس جمع ڪندڙ ۽ واپارين جي وچ ۾ مداخلت گهٽجي وڃي، آر ايف آءِ ڊي، وڊيو اينالائيٽڪس اهي سڀ شيون آڻينداسين ته جيئن ان ۾ انساني مداخلت گهٽ ٿئي. هن چيو ته اسمگلنگ خلاف ڪارواين ۾ 750 ارب جو ٽيڪس اثر آهي، ايڪسپورٽرز لاءِ نئون نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن ۾ ڪليئرنگ ايجنٽن لاءِ پوائنٽ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو. هن چيو ته ايف بي آر ۾ آڊٽ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ 2000 چارٽرڊ اڪائونٽنٽ کي ٽئين پارٽي ذريعي لڳايو پيو وڃي ته جيئن ٽيڪس فائلنگ ۾ گهربل خال کي ختم ڪيو وڃي. محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس وصول ڪندڙن لاءِ سخت احتساب جو نظام هوندو، ٽيڪس ادا ڪندڙن خلاف عوامي شڪايتن کان بغير ڪارروائي نه ڪئي ويندي، ڪيس جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ان پروگرام کي آءِ ايم ايف جو آخري قرض پروگرام بڻائڻو آهي ته هن ملڪ ۾ نوان طريقا اختيار ڪرڻا پوندا، اسان کي ملڪ ۾ معيشت جي ڍانچي کي بنيادي طور تبديل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اهڙن قدمن سان ٿوري وقت لاءِ ڏکيائيون ٿينديون، پر جيڪڏهن اسان پائيدار ترقي جي راهه تي هلڻ چاهيون ٿا ته جيڪي مشڪل فيصلا ڪيا ويا آهن انهن تي عمل ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا ٻه وڏا مسئلا آهن هڪ آبادي ۾ واڌ جي شرح جيڪا 2.55 سيڪڙو آهي جيڪا پائيدار ناهي، ٻي ڳالهه موسمياتي تبديلي آهي، اسان کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو.