غزه ۾ 6 يرغمالي مارجي ويا، اسرائيل آپي مان ٻاهر، جنين شهر تي حملا، روڊ کوٽي ڇڏيا، 47 فلسطيني شهيد
سيپٽمبر 2, 2024
غزه/تل ابيب/نيويارڪ(م ڊ) اسرائيلي حملي ۾ حماس وٽ يرغمال بڻيل 6 اسرائيلي مارجي ويا، نيتن ياهو حڪومت خلاف اسرائيلي شهرين احتجاج ڪيو آهي.اٽلي ۽ ٻين ملڪن يرغمالين جي موت تي ڏک جو اظهار ڪندي جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. صهيوني فوج غزه بعد جينن پناهگير ڪيمپ کي به 70 سيڪڙو تباهه ڪري ڇڏيو. جڏهن ته غزه ۾ اسرائيل جا ظلم اڃا به جاري آهن، جتي ڪالهه وڌيڪ 47 ڄڻا شهيد ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر 2023ع کان هيل تائين شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو تعداد 40 هزار 738 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل سال اسرائيل تي حملي بعد اغوا ڪيل اسرائيلين مان 6 يرغمالي مارجي ويا آهن جن جي اسرائيلي فوج ۽ حماس ٻنهي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته گذريل سال 7 آڪٽوبر تي حملو ڪري حماس جي ويڙهاڪن پاران يرغمال بڻايل 6 ڄڻن جا لاش مليا آهن جن مان 5 اسرائيلي ۽ هڪ آمريڪي شهري شامل آهي ۽ انهن مان 4 مرد ۽ 2 عورتون آهن. آمريڪي شهري جي سڃاڻپ هرش گولڊبرگ پولن طور ڪئي وئي آهي. اسرائيلي فوج موجب لاش رفح جي هڪ سرنگ مان مليا جن کي هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ قتل ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن ان جو ذميوار حماس کي قرار ڏيندي چيو آهي ته آئون ڏکويل ۽ ڪاوڙ ۾ آهيان حماس جا اڳواڻ ان ڏوهه جي قيمت چڪائيندا. نائب صدر ۽ صدارتي اميدوار ڪاملا هيرس به حماس کي دهشتگرد قرار ڏيندي چيو ته آمريڪي شهري جو خون حماس جي هٿن تي آهي، اسرائيلي شهرين ۽ اسرائيل ۾ موجود آمريڪي شهرن کي حماس کي جيڪو خطرو آهي ان کي ختم ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته حماس جو چوڻ آهي ته يرغمالي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ مارجي ويا آهن. يرغمالن جي واپسي لاءِ تحريڪ هلائيندڙ تنظيم ۽ يرغمالين جي خاندانن موت جو ذميوار اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي قرار ڏنو آهي ۽ چيو ته اهي ماڻهو جيئرا هجن ها جيڪڏهن نيتن ياهو حڪومت حماس سان جنگبندي معاهدي تي صحيح ڪري ها. هوڏانهن پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جنين شهر جي پناهگير ڪيمپ ۾ تباهي آڻي ڇڏي آهي، جتي 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو رهندڙ آهن. روڊ جي وڏي حصي تي گندگي ۽ ملبي جا ڍير پيل آهن. الجزيره ٽي وي جي نمائندي موجب اهو هيل تائين جو سڀ کان تباهي آڻيندڙ حملو آهي، جيڪوا سان ڏٺو. جنين ۾ فوجي آپريشن جو هي پنجون ڏينهن آهي، اهو اوچتو ٿيو ان ڪري ڪو ان جي لاءِ تيار نه هو. هاڻي گھڻا فلسطيني پاڻي ۽ خوراڪ کان به محروم ٿي ويا آهن.
برطانوي وزيراعظم پاران غزه ۾ يرغمالين جا لاش ملڻ تي ڳڻتي ظاهر: جنگبندي معاهدو ڪريو: سرڪيئر اسٽار
لنڊن (م ڊ) برطانوي وزيراعظم غزه ۾ 6 يرغمالين جي مارجڻ تي ڳڻتي جو اظهارا ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽار مر چيو ته غز ۾ ڇهه يرغمالين جي مرڻ تي پريشان آهيان، غزه جنگبندي معاهدو تڪڙو ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته ڌرين کي يرغمالين جي آزادي ۽ غزه ۾ جنگبندي جو فوري معاهدو ڪرڻ گھرجي.