حيدرآباد ۾ سيلينڊر ڌماڪي جا وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت، انگ 9 ٿي ويو: لاش کڄڻ تي قيامت جا منظر

جُون 1, 2024

ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽ: شاهد ميراڻي+امتياز کوسو) حيدرآباد جي نوراني بستي ۾ سيلينڊر جي دڪان ۾ ڌماڪي قيامت برپا ڪري ڇڏي، وڌيڪ 6 ڄڻن ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏنو،فوتين جو انگ وڌي 9 ٿي ويو، ڪيترن ئي ٻارڙن جي حالت خراب، انتظاميا اڃا تائين واقعي ۾ زخمي ٿيلن جا حتمي انگ اکر به پڌرا نه ڪري سگهي. ان ڏس ۾  پڃاري ٿاڻي جي حد پريٽ آباد جي علائقي نوراني بستي ۾ گيس سيلينڊر جي دڪان ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان وڌيڪ ٽن ٻارڙن دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي،  جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي. فوت ٿيل ٻارن ۾ عبدالهادي پٽ محمد اصغر، علي رضا ۽ آذان شامل آهن، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ حسنين، رحيم بخش، آيان ۽ بلال دم ڏنو هو. گذريل ڏينهن 7 ئي فوتي ٻارڙن جا مڙهه پريٽ آباد پهچايا ويا، جتي عيد گاهه ۾ ٽن ٻارن جي اجتماعي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جڏهن ته چئن ٻارن جي جنازي نماز ڌار ڌار ادا ڪري سندن مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. ٻارڙن جي جنازي نماز ۾ ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ، ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي فرخ علي لنجار، متحده ايم پي اي ناصر حسين قريشي، ايم اين اي وسيم خان، ڊپٽي ميئر صغير احمد قريشي، اڳوڻي ايم پي اي عبدالجبار خان سميت سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻارڙن جا مڙهه جڏهن پريٽ آباد پهتا ته سندن وارث عورتون توڙي مرد ايمبولنس کي چنبڙي اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. هر پاسي سوڳ واري فضا ڇانيل رهي. پريٽ آباد، نوراني بستي ۽ ٻيا علائقا سوڳ ۾ بند رهيا. فوتي ٻارڙن جي وارثن مطالبو ڪيو ته سندن پيارن جون حياتيون وڃائيندڙ غيرقانوني گيس سيلينڊر جو رهائشي علائقن ۾ ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ تصديق ڪندي ٻڌايو ته واقعي ۾ 63 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا هئا جن مان 32 ڄڻن جي حالت انتهائي خراب هئي جن کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو جن مان 7 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. 10 مريض سول اسپتال حيدرآباد ۾ زير علاج آهن، جڏهن ته 21 معمولي زخمين کي علاج بعد اسپتال مان گهر روانو ڪيو ويو آهي. پڃاري پوليس موجب ته وٽن 39 ڄڻن کي سڙي زخمي ٿيڻ بابت انگ اکر موجود آهن جن مان 7 ٻار فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 32 ڄڻن جو علاج هلندڙ آهن. ريسڪيو عملي به واقعي ۾ زخمي ٿيلن بابت انگ اکر جاري ڪندي ڄاڻايو ته 51 ڄڻا زخمي ٿيا جنهن مان 27 ڄڻا ڪراچي منتقل ڪيا ويا، انهن مان 7 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. 2 ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڪراچي جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيل 25 زخمين مان وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ 12 ورهين جي نينگر عبدالهادي، ايان علي ۽ حسنين ۽ اذان علي شامل آهن،  جڏهن ته وڌيڪ 9 زخمين کي به حيدرآباد کان ڪراچي جي سول اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد هن وقت سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ 26 ۽ قطر اسپتال ڪراچي ۾ هڪ مريض علاج هيٺ آهن. ان حوالي سان سول اسپتال جي اختيارين جو چوڻ آهي ته 9 کان وڌيڪ مريضن جو جسم تمام گھڻو متاثر هجڻ ڪري سندن حالت خطري ۾ آهي.

لاش تي سياست، جنازي کان اڳ ڊپٽي ميئر ۽ متحده حامين ۾ ڇڪتاڻ

حيدرآباد: پريٽ آباد ۾ قائم عيد گاهه ۾ فوتي ٻارڙن جي جنازي نماز کان اڳ ڊپٽي ميئر صغير قريشي ۽ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ناصر حسين قريشي جي حامين ۾ ڏند چڪ بعد سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. ڇڪتاڻ بعد ٻنهي گروپن جي ڪارڪنن هڪٻئي خلاف نعرا هنيا، جنهن تي فوتي ٻارڙي علي رضا جا وارث سندس مڙهه ايمبولنس سميت عيد گاهه کان ٻاهر کڻائي گهٽي ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين لاءِ قبرستان کڻائي ويا. فوتي ٻارڙي جي وارثن چيو ته سياست لاءِ ٻنهي گروپن وٽ ٻيا فورم به موجود آهن. هو ڏک ۾ بي حال آهن. سندن ڏک ونڊڻ بدران ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ لاءِ ٻنهي اڳواڻن جا ڪارڪن پاڻ ۾ اٽڪيا ته جيئن هو پنهنجي سياست چمڪائي سگهن. ڊپٽي ميئر ۽ ايم پي اي جي حامين ۾ ٿيل ڏند چڪ دوران ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي فرخ علي لنجار به وڏي نفري سان گڏ موجود هئا پر تنهن باوجود ٻنهي عملدارن ڪارڪنن کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي پر متاثر ٻارن جا وارث ڪارڪنن کي جهيڙو نه ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندا رهيا ته جيئن هو عيد گاهه ۾ فوتي ٻارڙي جي علي رضا جي آساني سان جنازي نماز ادا ڪري سگهن.

حيدرآباد ۾ پابندي باوجود هلندڙ گيس سلينڊر دڪانن خلاف ڪارروائي ڪريو: اياز لطيف

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب انساني زندگين جي نقصان واري واقعي تي افسوس جو اظھار ڪندي واقعي کي انتظامي مجرماڻو عمل قرار ڏنو آھي. پنهنجي بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته ڳتيل آبادي ۾ گيس سلينڊرن جو ڪاروبار انساني زندگين لاءِ انتھائي خطرناڪ ثابت ٿيو آھي، جنهن ڪري اهڙي ڪاروبار خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته جڏهن به سلينڊر ڌماڪو ٿيو آهي ته ڪيترائي ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا آهن. هن چيو ته پابندي باوجود حيدرآباد جي ھر علائقي ۾ گيس سلينڊرن جا دڪان کليل آھن جتي ڪنھن به وقت وڏو سانحو پيش اچي سگھي ٿو ان ڪري اهو ڪاروبار بند ڪرايو وڃي.

سنڌ ۾ ايل پي جي گيس فراهم ڪندڙ غيرقانوني دڪانن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ جو انڪشاف

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) اوگرا پاران سنڌ ۾ سي اين جي ۽ ايل پي جي گيس سيلينڊر سپلائي ڪندڙ اسٽيشنن جي انسپيڪشن ڪرڻ جون هدايتون ڏيڻ جي باوجود حيدرآباد ۾ ايل پي جي گيس فراهم ڪندڙ غيرقانوني دڪانن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اوگرا پاران چيف سيڪريٽري سنڌ کي 17 نومبر 2023ع تي هڪ خط لکي چيو ويو هو ته اسلام آباد ۾ 15 آڪٽوبر 2023ع تي ميهر گيس اسٽيشن تي ڌماڪو ٿيو ان ڪري سنڌ جي سي اين جي توڙي ايل پي جي گيس فراهم ڪندڙ اسٽيشنن ۽ دڪانن جي چڪاس ڪئي وڃي ته هو طئي ڪيل ايس او پيز تحت گيس فراهم ڪن ٿا يا نه. ذريعن موجب ان ليٽر ۾ مختلف ايس او پيز جو ذڪر ڪندي چيو ويو هو ته گيس انهن سيلينڊر کي فراهم ٿيڻ گهرجي جيڪي اوگرا کان منظورٿيل آهن ۽ جيڪي اسٽيشنون لاڳاپيل قانونن تحت گيس فراهم نٿيون ڪيون انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کانسواءِ 17 اپريل 2024ع تي اوگرا پاران چيف سيڪريٽري کي اهو خط لکيو ويو هو ته لاڳاپيل ضلعن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ٽن سالن لاءِ بااختيار بڻايو وڃي ته جيئن هو غيرقانوني گيس سپلائي ڪندڙ سي اين جي اسٽيشنن توڙي دڪاندارن خلاف ضابطي جي ڪارروائي ڪري سگهن. انهن ٻن اهم خطن جي روشني ۾ سنڌ جي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ پاران انرجي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊويزنل ڪمشنرن کي خط لکي چيو ويو هو ته اسسٽنٽ ڪمشنرن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ ته جيئن هو غيرقانوني طور گيس فراهم ڪندڙ اسٽيشنن ۽ دڪانن خلاف ڪارروائي ڪري سگهن. هوڏانهن وفاقي توڙي سنڌ حڪومت جي واضح هدايتن جي باوجود حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ گيس سيلينڊر جي سانحي کان اڳ ڪنهن به اسسٽنٽ ڪمشنر انهن غيرقانوني سي اين جي توڙي ايل پي جي اسٽيشنن ۽ دڪانن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي جنهن سبب اهو سانحو پيش آيو. حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا اڃا تائين اهو به واضح نه ڪيو آهي ته پريٽ آباد جنهن ايل پي جي دڪان تي گيس سيلينڊر ڌماڪو ٿيو ان جي اين او سي ڪڏهن ۽ ڪنهن جاري ڪئي. حيدرآباد ۾ ان سانحي کانپوءِ جيتوڻيڪ انتظاميا نمائشي ڪارروايون ته ڪيون آهن پر اڃا تائين شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ايل پي جي گيس سيلينڊر جا دڪان موجود آهن جن کي صرف سيل ڪري انتظاميا پاڻ کي ذميواري کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

Leave A Comment