60 وائس نوٽس، 12 هزار ميسيجز: فهميده ڪيس ۾ ڊجيٽل شاهدين جي   تصديق، موبائل ۽ ليپ ٽاپ ليباريٽري روانا

60 وائس نوٽس، 12 هزار ميسيجز: فهميده ڪيس ۾ ڊجيٽل شاهدين جي   تصديق، موبائل ۽ ليپ ٽاپ ليباريٽري روانا

ميرپورخاص(بيورورپورٽ)ميرپورخاص جي خانگي ميڊيڪل ڪاليج اندر ھراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ميرپورخاص پاران جوڙيل ٻن ٽيمن ڪاليج اندر بيان رڪارڊ ڪيا، جاچ ڪميٽيءَ جي سربراھ سھائي عزيز ٽالپر چيو آھي تھ فھميدا لغاري ڪيس جي سلسلي ۾ ڊجيٽل شاھدين جي تصديق ڪري رھيا آھيون، ھن وقت تائين 60 وائيس نوٽس ۽ فھميدا جا پنھنجي ڪلاس فيلوز سان سوشل ميڊيا تي ڪيل ڳالھين جا 12 ھزار ميسيجز مليا آھن، موبائل ۽ ليپ ٽاپ پنجاب سائنس ليب موڪليا ويا آھن، جتان رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ نتيجن تي پھچي سگھبو، خبر موجب ميرپورخاص جي خانگي ميڊيڪل ڪاليج اندر ھراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فھميدا لغاري ڪيس جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ طرفان جوڙيل ڪميٽي اڄ چوٿون ڀيرو ميرپورخاص پھتي. ڪميٽيءَ جي سربراھ ايس ايس پي سھائي عزيز ٽالپر ايس ايس پي آفيس ۾ وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ خانگي ڪاليج ۾ پھچي شاگردن ۽ شاگردياڻين جا بيان قلمبند ڪيا ويا. ان ڏس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ايس ايس پي سھائي ٽالپر چيو تھ اڳ ۾ ڪاليج مان جيڪي سي سي ٽي وي فٽيجز مليا ھئا ۽ گڏوگڏ جوابدار ڄاڻايل شاگرد عبداللھ جي ليپ ٽاپ مان سندس سوشل ميڊيا تان جيڪي ميسيجز مليا ھئا، انھن بابت شاگردن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي تھ انھن ۾ ڪيتري صداقت آھي؟ ھن چيو تھ في الحال ڪا بريڪ ٿرو واري ڳالھ ناھي، ڪيس اڳ ئي حل ٿيل آھي، ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار ٿيل آھن ۽ ٻيا ضمانت تي آھن. ھن چيو تھ جيڪي ڊجيٽل شاھديون مليون آھن، اسان ھن وقت انھن جي ڪراس ويريفڪيشن ڪري رھيا آھيون ۽ اھو عمل اٽڪل 50 کان 60 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آھي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو تھ ھٿ ڪيل موبائل ۽ ليپ ٽاپ ھٿ ڪيا آھن، جيڪي پنجاب سائنس ليبارٽري موڪليا ويا آھن. سھائي عزيز چيو تھ فھميدا جي موبائل تي پاسورڊ لڳل آھي، جيڪو پڻ سائنس ليبارٽري موڪليو ويو آھي، جتان رپورٽ ايندي تھ اتان وڌيڪ نتيجن تائين پھچي سگھنداسين. ھن چيو تھ ھن وقت تائين 60 وائيس نوٽس مليا آھن، جڏھن تھ فھميدا جي سوشل ميڊيا تي پنھنجي ڪلاس فيلوز سان ڪيل ڳالھ ٻولھ جا 12 ھزار ميسيج مليا آھن. سھائي عزيز چيو تھ آءِ جي سنڌ وٽ فھميدا ڪيس جي حوالي سان جيڪا عورت اڳواڻن ۽ ھيومن رائيٽس ايڪٽوسٽس جي ملاقات ٿي آھي، ان ۾ آءِ جي جو چوڻ آھي تھ اھا انتھائي افسوسناڪ ڳالھ آھي تھ تعليمي ادارن ۾ جيڪڏھن شاگردياڻين سان ھراسمينٽ ٿئي ٿي ھراسمينٽ ايڪٽ تحت جيڪي اينٽي ھراسمينٽ ڪميٽيون ٺھڻيون آھن، انھن کي فعال ڪرائڻ ۾ پوليس جو اھم ڪردار ھجڻ گھرجي. ھن چيو تھ آءِ جون اھي بھ ھدايتون آھن تھ ھن جاچ ڪميٽيءَ جي اينٽي ھراسمينٽ ڪميٽيءَ جي حوالي سان جيڪا بھ فائنڊنگس ھوندي، اھا بعد ۾ پي ايم ڊي سي ۽ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ڏانھن موڪلي ويندي. ھن چيو تھ ھن جاچ دوران ملندڙ معلومات بابت اسان کي ٽي کان چار ڀيرا ڳالھين جي تصديق ڪرڻي پوي ٿي. ھن چيو تھ اسان مٿس ذميواري عائد ٿئي ٿي تھ 100 سيڪڙو تفصيل ۾ وڃي جاچ ڪريون ۽ جيڪي ماڻھو ڪيس ۾ نامزد آھن، انھن جو فھميدا واقعي ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو ڪردار ھو.ٻئي طرف ڊي آء جي ميرپورخاص پاران جوڙيل ڪميٽي اڄ ايس ايس پي ميرپورخاص جي سربراھي ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليج پھتي جتي ڪاليج جي چانسلر، پرنسيپل، پرنسيپل جي گھر واري سميت فھميدا جي ڪلاس فيلو شاگردن ۽ شاگردياڻين جا بيان رڪارڊ ڪيا.
 

مطمئن آهيون، جاچ ايمانداراڻي ٿيندي، فهميده جا وارث

ميرپورخاص: ھوڏانھن سھائي عزيز ٽالپر سان ملاقات ڪندڙ فھميدا جي والد انتظار حسين لغاري، چاچي مصدق لغاري ۽ فھميدا ڪيس جي وڪيل ايڊووڪيٽ قلندر بخش لغاري چيو تھ جاچ ڪميٽيءَ جي سربراھ سھائي عزيز ٽالپر کين خاطري ڪرائي آھي تھ جاچ شفاف ٿيندي، جنھن ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڪمي پيشي نھ ٿيندي. ھن چيو تھ اسان مطمئن بھ آھيون ۽ اميد ڪريون ٿا تھ جاچ ايمانداراڻي ٿيندي. اسان چاهيون ٿا ته جوابدارن خلاف سزا ٿئي
 

فهميده ۽ جوابدارن جا موبائل فارينزڪ لاء موڪليا ويا، رپورٽ ۾ ڪجهه وقت  لڳندو، جاچ ڪميٽي
 

ميرپورخاص: ڊي آءِ جي پاران جوڙيل ڪميٽي جي سربراهه  ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ ھن ڪيس جي جاچ لاء ٻھ الڳ الڳ ڪميٽيون جڙيل آھن, جن پاران جاچ جو سلسلو ھلندڙ آھي. ھن چيو تھ ڪيس کي مختلف پھلوئن سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري رھيا آھيون. ھن چيو تھ بيان وٺڻ جو سلسلو جاري آھي. ايس ايس پي چيو تھ فھميدا ۽ جوابدارن جا موبائل فارينزڪ لاء موڪليا آھن، جتان رپورٽ اچڻ ۾ اڃا ڪجھ وقت لڳندو. ھن چيو تھ ھن جاچ جو دائرو جتي وڌي پيو، اسان ان کي وڌائي رھيا آھيون.