وفاق پاران 60 هزار سرڪاري ملازم گهر موڪلڻ لاءِ تياريون: گولڊن هينڊ شيڪ ڏيڻ جو فيصلو

سيپٽمبر 3, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) رائيٽ سائزنگ ڪاميٽي جي سفارش تي سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪميٽي جي سفارشن سان 60 هزار تائين سرڪاري ملازم متاثر ٿي سگهن ٿا. متاثر آفيسرن، ملازمن کي ٻين ادارن ۾ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ متاثر ملازمن کي سرپلس پول ۾ موڪليو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ سرپلس ملازمن کي ٻين کاتن ڏانهن موڪليو ويندو، سرپلس ملازمن ۽ آفيسرن کي گولڊن هينڊ شيڪ به ڏنو ويندو. دستاويز موجب سول سرونٽس ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۽ 11 ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، سول سرونٽس سيڪشن ٻه ملازمن جي مقرري جي شرطن تي ٻڌل آهي جڏهن ته سيڪشن 11 ملازمن جي برطرفي ۽ پينشن جي معاملن بابت آهي. فنانس ڊويزن سرونٽس ايڪٽ جي سيڪشن 19 ۾ هڪ شق شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، فنانس ڊويزن جي تجويز موجب وفاقي حڪومت کي موجوده پينشن جي فائدن ۾ گهٽتائي يا واڌ يا ختم ڪرڻ جو اختيار آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ترميمي مسودو تيار ڪيو ويو آهي جنهن جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي.

Leave A Comment