پنجاب ۾ ڪامورن لاءِ 61 ڪروڙن جون 76 لگزري گاڏيون خريدڻ جو فيصلو
آڪٽوبر 1, 2024
لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت پارلياماني سيڪريٽرين لاءِ لگزري گاڏيون خريدڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب پارلياماني سيڪريٽرين ۽ آفيسرن لاءِ 76 گاڏيون 61 ڪروڙ 24 لک 75 هزار رپين ۾ خريد ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارلياماني سيڪريٽرين لاءِ 22 ڪروڙ رپيا ماليت جون 29 لگزري گاڏيون خريديون وينديون، ايس اينڊ جي اي ڊي لاءِ 9 ڪروڙ 96 لک ماليت جون 15 لگزري گاڏيون خريد ڪيون وينديون. ذريعن موجب ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب 76 لگزري گاڏيون خريدڻ جي درخواست ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس اينڊ جي اي ڊي لاءِ 3 ڪروڙ 61 لک رپين جون ٻه گاڏيون پروٽوڪول لاءِ خريدڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ صوبائي وزيرن جي پروٽوڪول لاءِ 20 ڪروڙ 90 لک رپين کان وڌيڪ جون 30 گاڏيون خريد ڪيون وينديون