سنڌ ۾ سانوڻيءَ دوران 61 ڄڻا فوت ٿيا،3954 گهر متاثر، پي ڊي ايم اي جي رپورٽ جاري

سيپٽمبر 2, 2024

اسلام آباد  (رپورٽ: ايم بي سومرو) صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي سنڌ (پي ڊي ايم اي ) 31 آگسٽ تائين سنڌ صوبي اندر برساتن سبب ٿيل جاني توڙي مالي نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آھي، رپورٽ مطابق گذريل چويهن ڪلاڪن دوران سنڌ صوبي اندر برساتن سبب 9 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڄامشوري ۾ 5،  مٽياري ۾ 2  ۽ ميرپورپورخاص ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيل شامل آھن جنهن بعد هن سال جي مون سون جي سيزن دوران سنڌ صوبي فوت ٿيندڙ شهرين جو تعداد وڌي 61 ٿي ويو آھي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻارڙا 30 ،  عورتون 10 ۽ مرد 21 فوت ٿيا آھن . هن سال مون سون ۾ وڌ ۾ وڌ ڄامشوري ضلعي ۾ 16 ،  ٿرپارڪر ۾ 14 ،  جيڪب آباد ۾ 7 ،  لاڙڪاڻي ۾ 4  ،  مٽياري ،  ڪشمور  ۾ 3 ٽي ،  عمرڪوٽ ،  قمبرشهداد ڪوٽ ،  دادو ،  ميرپورخاص ۾ ٻه ٻه جڏهن ته بدين ،  ڪورنگي ،  شڪارپور ، نوشهروفيروز ،  حيدرآباد ۽ ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ هڪ هڪ ڄڻو فوت ٿيندڙن ۾ شامل آھي رپورٽ ڄاڻايو ويو سنڌ اندر فوت ٿيندڙن ۾ 20 ڄڻا آسماني بجلي ڪرڻ ،  8 ڄڻا گهر ڪرڻ ،  10 ڄڻا گهرن جون ڇتون ڪرڻ ،  5 ڄڻا ديوارن ڪرڻ سبب دٻجي مرڻ کانسواء 4 ڄڻا بجلي جي ڪرنٽ ،  12 ڄڻا پاڻي ۾ لڙهي مرڻ سان گڏ 2 ڄڻا وڻ ڪرڻ سبب فوت ٿيا آھن جڏهن ته سنڌ ۾ برساتن سبب ڪل 105 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي زخمين ۾ 58 مرد،   21  ۽ 26 ٻارڙا شامل آھن. پي ڊي ايم اي جي رپورٽ مطابق برساتن سبب ڪل 378 چوپايو مال مري چڪو آھي جنهن ۾ 294 ٻڪريون ،  50 رڍون ،  13 ڳئون ،  9 مينهون ،  6 اٺ ،  ۽ 6 ٻيا جانور شامل آھن . رپورٽ ۾ اها به دعوي ڪئي وئي آھي ته 2 لک 39 هزار 363 جانورن کي ويڪسين يا انهن کي ٽريٽمينٽ ڏني وئي آھي جن ۾ ننڍا جانور 1 لک 43 هزار 6 ۽ وڏا جانور 96 هزار 357 شامل آھن . رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته مجموعي طور تي سنڌ ۾ 75 ڪلوميٽر روڊ جيڪي سمورا ٿرپارڪر ضلعي جي علائقن جا آھن تباه ٿيا ميرپورخاص ۾ هڪ پل متاثر ٿيڻ کان علاوه مجموعي طور سنڌ ۾ 3954 گهر مڪمل ۽ جزوي طور متاثر ٿيا آھن جن ۾ 3000 هزار گهر مڪمل ۽ 954 گهر جزوي طور متاثر ٿيل شامل آھن برساتن سبب وڌ ۾ وڌ گهر متاثر جيڪب آباد ضلعي ۾ 1573 ،  ميرپوخاص ۾ 840 ،  سانگهڙ ۾ 542 ،  ڪشمور ۾ 524 ،  سکر ۾ 248 ،  مٽياري ۾ 66  ،  شهيد بينظر آباد ۾ 61 ،  ٺٽي ۾ 60 ،  ڄامشورو ۾ 22 ،  ٽنڊوالهيار 17 ۽ ڪورنگي ۾ هڪ گهر متاثر ٿيو آھي پي ڊي ايم اي سنڌ جي رپورٽ ۾ دعوي ڪندي ٻڌايو ويو آھي ته سنڌ ۾ هن مون سون دوران 31 آگسٽ تائين رڳو 56 هزار 553 ايڪڙ ايراضي تي پوکيل فصل متاثر ٿيو آھي رپورٽ مطابق جيڪب آباد ۾ 4600 ايڪڙ ،  3200 ايڪڙ سارين جو فصل متاثر ٿيو آھي جڏهن ته  سانگهڙ ضلعي ۾ وڌ ۾ وڌ فصل  48 هزار 687 ،  مٽياري ضلعي ۾ 66 متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻئي ڪنهن به سنڌ جي ضلعي ۾ 31 اگسٽ تائين فصلن کي نقصان ٿيڻ جي تصديق نه ڪئي وئي آھي.

Leave A Comment