65 ارب هيڪ گرانٽ بحال ڪريو: سنڌ جي 27 مادرعلمين جي وزيراعظم کي مداخلت جي اپيل

مَي 30, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) وفاقي هيڪ پاران سنڌ سميت مُلڪ جي سمورين يونيورسٽين جي 65 ارب رپين گرانٽ ختم ڪرڻ وارو معاملو ڳنڀير ٿي ويو ، سنڌ جي 27 سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن گرانٽ ختم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم کي مداخلت لاءِ خط لکي ڇڏيو

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته وفاقي هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ ) پاران اعليٰ تعليم کي صوبائي سبجيڪٽ ڄاڻائي  سنڌ جي 27 يونيورسٽين سميت پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي  جي يونيورسٽين کي هر سال وفاق کان ملندڙ 65 ارب رپين جي گرانٽ  بند ڪرڻ سبب سنڌ سميت مُلڪ جي مادر علمين جي مالي بحران جو شڪار ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي

ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي يونيورسٽين جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، شهيد بينظير  ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد، شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سميت سنڌ جي 21 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن گڏيل صحيح سان وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبن ۾ رجسٽرڊ سرڪاري يونيورسٽين جو هائير ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) پاران ساليانو فنڊ بند ڪيو ويو آهي

خط موجب  هيڪ کان مادرعلمين کي ساليانو 65 ارب  ملندا هئا، جنهن مان سنڌ جي 27 يونيورسٽين جي حصي ۾ 13 ارب رپيا ايندا هئا خط ۾ لکيو ويو آهي ته دنيا جي ٻين مُلڪن ۾ هائر ايجوڪيشن ( اعليٰ تعليم)  تي سيڙپ ٿئي پئي، اسان وٽ سرڪاري يونيورسٽين ۾ غريبن جا ٻار پڙهندا آهن، جن کي سرڪاري يونيورسٽيون اعليٰ تعليم جو موقعو ڏين ٿيون، خط ۾ لکيو ويو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو پڻ اهو فيصلو اچي چُڪو آهي ته ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ تائين سرڪاري يونيورسٽين جو وفاق کان ملندڙ فنڊ جاري رکيو وڃي

سنڌ جي وائيس چانسلرن پاران گڏيل مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي ناڻي وزارت ۽ وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي يونيورسٽين جا فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون وڃن، جڏهن ته سنڌ جي مادرعلمين جا ساليانا فنڊ 13 مان وڌائي 16 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن.

سنڌ سرڪار پاران يونيورسٽي گرانٽ ۾ 7 ارب جي واڌ

ڪراچي: سنڌ حڪومت نئين مالي سال ۾ صوبي جي 27 يونيورسٽين جي گرانٽ ۾ 7 ارب رپين جي واڌ ڪري ڇڏي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت پاران صوبي جي 27 يونيورسٽين کي هر سال 23 ارب رپيا گرانٽ جاري ڪندي هئي. ايندڙ مالي سال ۾ مادر علمين جي گرانٽ ۾ 7  ارب واڌ آڻي 30 ارب رپيا ڪئي وئي.

بلوچستان ۽ ڪي پي حڪومتون صوبائي ڪميشنون  ٺاهي نه سگھيون: مامرا وفاق حوالي

ڪراچي: بلوچستان ۽ ڪي پي حڪومتون هن وقت تائين صوبائي سطح تي هائير ايجوڪيشن ڪميشنون نه ٺاهي سگھيون آهن. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته سال 2018ع ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ صوبائي سطح تي هائير ايجوڪيشن ڪميشنون ٺاهيون  ويون هيون، باقي ٻن صوبن اڃا تائين صوبائي هيڪ ناهي ٺاهي، اتان جا  سمورا معاملا رڳو وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران هلايا پيا وڃن.

Leave A Comment