| ڪراچي ۾ ڌماڪي لاءِ ايندڙ بلوچستان جي شاگردياڻي گرفتار : بمبار بڻجڻ کان بچائڻ جي دعويٰ |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار بلوچستان جي اسڪول جي شاگردياڻي کي خودڪش بمبار بڻجڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪالهه سينٽرل پوليس آفيس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو ۽ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 25 ڊسمبر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري ڪراچي کي وڏي تباهي ۽ هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري کي دهشتگردي ۾ استعمال ٿيڻ کان بچائي ورتو، هن چيو ته شاگردياڻي جو تعلق بلوچستان سان آهي، سندس حفاظت ۽ بهتر مستقبل خاطر سڃاڻپ ۽ ذاتي تفصيل نٿا ٻڌائي سگهون. هن چيو ته بلوچستان جي شاگردياڻي جي ڪجهه رياست مخالف عنصرن ذهن سازي ڪئي، سوشل ميڊيا تي رابطو ڪري واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ڪيو ويو، شاگردياڻي ننڍي عمر جي آهي، ايڏيون ڇوڪريون ڏٽي ۾ اچي وينديون آهن، دهشتگردن خودڪش بمبارن کي هيرو قرار ڏيڻ واريون ڪهاڻيون ٻڌائي شاگردياڻي کي تيار ڪيو ته ڪراچي ۾ خودڪش بمبار بڻجي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري شهر ۽ شاگردياڻي کي بچائي ورتو. هن چيو ته نينگري جي ذهن سازي ڪئي وئي هئي، کيس وڌيڪ سکيا هينڊلر کي ڏيڻي هئي. هن چيو ته ايئرپورٽ حملي جي جاچ دوران ڪجهه شاگردن جا ڪنيڪشن مليا هئا،هن چيو ته دهشتگرد ٻارن کي استعمال ڪري رهيا آهن. رياست بلوچن سان گڏ بيٺل آهي، گندا ماڻهو نياڻين کي استعمال ڪري رهيا آهن ، اهي عوام جا دشمن آهن، اهي ماڻهو پنهنجي مقصدن لاءِ رياست کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ چاهين ٿا، تحويل ۾ ورتل شاگردياڻي جي خواهش آهي ته اها استاد بڻجي، اسان چاهيون ٿا ته نينگري پڙهي ٻارن کي پڙهائي، حڪومت نينگري کي تحفظ ڏيندي ۽ سندس مدد ڪندي. هن چيو ته سي ٽي ڊي ۾ هڪ مخصوص ونگ ٺاهيندا سين، ونگ يونيورسٽين ۾ پروگرام وغيره ڪندي،
| شاري بلوچ جي وڊيو ڏٺم ته مون کي به تجسس ٿيو: شاگردياڻي |
ڪراچي: خودڪش بمبار بڻجڻ کان بچي ويل شاگردياڻي ٻڌايو ته استاد ٿيڻ چاهيان ٿي، آئون سوشل ميڊيا استعمال ڪندي هئس، شاري بلوچ جي وڊيو ڏٺم ته تجسس ٿيو، مون سان سوشل ميڊيا تي رابطو ڪيو ويو، مون کي هڪ شخص ڪتاب ڏنو ،جنهن ۾ اهڙيون ڳالهيون هيون، آئون بهانو بڻائي گهران نڪتس، ان شخص جي ڀيڻ مون کي وٺي وئي ،ان تعريف ڪندي چيو ته تون وڏو ڪم ڪرڻ وڃين ٿي، مون کي ڪراچي جي بس ۾ ويهاريو ويو، ناڪي تي تلاشي دوران پوليس مون کان نالو پڇيو ۽ آئون گهٻرائجي ويس، مون کي پوليس ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي پوليس کي سڄي حقيقت ٻڌايم.
شاگردياڻي جو والد فوت ٿي چڪو، دهشتگردن همدري ڏيکاري ورغلايو، نينگري کي جوابدار نٿا سمجهون، کيس تحفظ ڏبو: آزاد خان
ڪراچي: ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان چيو آهي ته بي ايل اي وارن انسٽاگرام ذريعي نابالغ ڇوڪري سان رابطو ڪيو، پوءِ ان کي واٽس ايپ گروپ ۾ شامل ڪيو ويو، جتي رياست مخالف بيان ۽ مواد شيئر ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته ڇوڪري جي مڪمل ذهني تياري (برين واشنگ) ڪري ڪراچي موڪليو ويو، ڇوڪري کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ هڪ ايجنٽ توسان ملي خودڪش جيڪٽ ڏيندو ۽ حدف تائين پهچائيندو. ايڊيشنل آئي جي سي ٽي ڊي موجب ڇوڪري جو مقرر وقت تي هينڊلر سان رابطو نه ٿي سگهيو، ناڪي تي پوليس تلاشي دوران ڇوڪري پوليس جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگهي، پوليس کيس ٿاڻي وٺي آئي، جتي هن سڄي ڪهاڻي ٻڌائي. هن چيو ته شاگردياڻي جو والد فوت ٿي چڪو آهي، دهشتگردن همدري جتائي کيس ورغلايو، اسان ڇوڪري جي فيملي کي گهرائي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو. نابالغ هئڻ سبب ڇوڪري کي جوابدار نٿا سمجهيون، کيس مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو
بلوچ شاگردياڻي کان خودڪش جيڪٽ به هٿ ڪئي وئي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ بلوچ ڇوڪري کي بچائڻ ۾ انٽيليجنس ايجنسين جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو آهي ته وقت سر معلومات ۽ گڏيل ڪارروائي ذريعي نه رڳو ڇوڪري کي محفوظ بڻايو ويو پر ان کان هڪ خودڪش جيڪٽ به هٿ ڪئي وئي. ڇوڪري نابالغ آهي ۽ حڪومت دانشمندي وارو فيصلو ڪيو آهي ته کيس قيد نه ڪيو وڃي، هن چيو ته هي صرف هڪ ڇوڪري جو ڪيس ناهي، پر ڪيترائي ٻار آهن ،جن کي سوشل ميڊيا ذريعي گمراهه ڪري سندن غلط استعمال ڪيو ويندو آهي. هي واقعو قوم لاءِ اکيون کولڻ وارو آهي.