| 7 لک 62 هزار 499 پاڪستاني ٻاهرين ملڪ ڪمائڻ ويا: دستاويز |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سال 2025 ۾ 7 لک 62 هزار 499 پاڪستاني ٻاهرين ملڪ نوڪري لاءِ ويا. بيورو آف اميگريشن سال 2024 ۾ ٻاهرين ملڪ ويندڙن جي تعداد 7 لک 27 هزار 381 هئي. بيورو آف اميگريشن جي دستاويزن مطابق سال 2025 ۾ مختلف مهارتون رکندڙ ٻاهرين ملڪ وڃڻ وارن جو انگن اکرن مطابق سال 2025ع ۾ اڪائونٽنٽ 5,659، بورچي 10 هزار 503، ڊاڪٽر 3 هزار 795، انجنيئر 5,946 ٻاهرين ملڪ ويا. نرسون 1,640، استاد 1,725، ڊرائيور هڪ لک 63 هزار 718، اليڪٽريشن 6,475 مزدور 4 لک 65 هزار 138، مستري 5,700، ٽيڪنيشنز 12,703 مينجر 11,777 پلمبر 2,306 ويٽر 2,027 ملازمت لاءِ ٻاهرين ملڪ ويا. اهڙي طرح سال 2025 ۾ 18 هزار 352 اعلي تعليم يافته ماڻهو به ٻاهرين ملڪ نوڪرين لاءِ ويا. جنهن ۾ تمام گهڻا هنرمند 13,657، هنرمند 2 لک 22 هزار 171 ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويا. نيم هنرمند 42,257، غير هنرمند 4 لک 66 هزار 62 ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويا. پنج لک 30 هزار 256 پاڪستاني سعودي عرب، 52 هزار 664 ماڻهو يو اي اي، 68 هزار 376 پاڪستاني قطر، 37 هزار 726 بحرين، 6590 ڪويت، 39 جنوبي ڪوريا ويا. 2025 ۾ 1005 پاڪستاني ملازمت لاءِ آمريڪا، 4 هزار 355 برطانيه، 984 جرمني، 813 اٽلي، 2 هزار 230 چين، 2 هزار 210 جاپان ۽ هڪ هزار 109 رومينا ويا.