7 ڊسمبر عيد جيان ملهائينداسين:  جاتي واسين جو  اعلان

7 ڊسمبر عيد جيان ملهائينداسين:  جاتي واسين جو  اعلان

جاتي (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران 7 ڊسمبر تي منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان تي جاتي ۾ گورنمينٽ ڪئمپس هائير سيڪنڊري اسڪول جاتي ۾ هيڊ پرنسيپل معشوق خواجه، هيڊ ماسٽر حسين آزاد ميمڻ جي ميزباني ۾ شاندار ايڪتا تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ اديبن شاعر ليکڪن سميت استادن توڙي ليڊي ٽيچرس ۽  شاگردن اجرڪون ٽوپيون نوان ڪپڙا پهري ڀرپورشرڪت ڪئي.  ان موقعي تي اسڪول هيڊماستر حسين آزاد، شاعر ليکڪ اقبال شاهين، زاهد اسحاق سومرو،عبدالله کٽي،شوئب ميمڻ، ذين العابدين ميمڻ،  دوست محمد ٿهيم ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ هر سال جيان هن سال به 7 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين کي هڪ جڳهه تي بيهارڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي جوش ۽ جذبي دنيا جي ٻين قومن کي پنهنجي ثقافت ياد ڏياري آهي جنهن کان پوءِ هر قوم پنهنجو قومي ڏهاڙو ملهائي رهي آهي هنن چيو اسان سڀ سنڌي پنهنجو وچن ورجائيندي 7 ڊسمبر عيد کان وڌيڪ خوشي ملهائينداسين، اهو نياپو پوري دنيا  ڏانهن ويندو ته سنڌ هڪ باشعور تعليم يافته  پنهنجي هزارين سال پراڻي ثقافت ۽ سنڌ سان وفادار آهي، ان موقعي تي شاگردن پاران ايڪتا تقريب ۾ تعليم ثقافت شعور توڙي سنڌ جو مستقبل سڌارڻ لاءِ ٽيبلوز پيش ڪيا  ويا.