70 بالن تي ڊبل سينچري: وومين بلائينڊ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني بيٽر پاران تاريخ رقم، سريلنڪا کي شڪست

70 بالن تي ڊبل سينچري: وومين بلائينڊ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني بيٽر پاران تاريخ رقم، سريلنڪا کي شڪست

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي مھرين عليءَ پاڪستان لاءِ تاريخ رقم ڪندي وومين بلائنڊ ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڊبل سنچري ٺاهي ورتي. مھرين عليءَ سريلنڪا جي خلاف 78 بالن تي 230 رنسون ٺاهي، عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. هن 39 چوڪن جي مدد سان صرف 70 بالن ۾ پنهنجي ڊبل سنچري مڪمل ڪئي. ان موقعي تي  مھرين عليءَ   جو چوڻ هو ته  “رڪارڊ ٺاهڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان، پاڪستان بلائينڊ ڪرڪٽ ڪائونسل ۽ پنهنجي والدين جو پڻ شڪريو ادا ڪريان ٿي. اهو رڪارڊ مان پنهنجي ملڪ ۽ والدين جي نالي ڪريان ٿي.” ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 221 رنسن تان شڪست ڏني. 332 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي سريلنڪا جي ٽيم 120 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. سريلنڪا طرفان ميراني 51 ۽ متيشا 29 رنسون ٺاهي سگھيا، جڏهن ته پاڪستان طرفان نور فاطمه، حوريا ملڪ ۽ سميرا ملڪ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  مهرين کي مين آف دي ايوارڊ سان نوازيو ويو.