آپريشن عزم استحڪام ۾70سيڪڙو ڳالهيون، 30سيڪڙو ڪارروايون: حڪومت پاران دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي خاتمي لاءِ نيشنل ڊائلاگ جو فيصلو

جُولاءِ 11, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت آپريشن عزم استحڪام جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي، ڪابينا اجلاس دوران وزيراعظم پاران وزيرن تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو ويو، ڪالھه وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني. منظور ڪيل پلان آف ايڪشن موجب وفاق جي ترقياتي منصوبن جي نگراني لاءِ پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني ٺاهي ويندي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي نگراني هيٺ سمورن صوبائي ترقياتي منصوبن کي لاڳاپيل صوبائي ادارن حوالي ڪيو ويندو ۽ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم لاڳو ڪئي ويندي. ڪابينا کي حڪومتي خرچ گهٽائڻ بابت ڪاميٽي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان، رياستن ۽ سرحدي معاملن، صنعت ۽ پيداوار ۽ قومي صحت جي وزارتن جي غير ضروري ماتحت ادارن کي بند ڪرڻ ۽ ضروري ادارن جي رائٽ سائينگ بابت بنيادي معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي. اهو عمل 12 جولاءِ تائين مڪمل ڪيو ويندو.  19 جولاءِ کان وفاقي حڪومت جي ٻين وزارتن کان اهڙي ڄاڻ ملڻ کانپوءِ ٻين ادارن کي بند ڪرڻ يا ضم ڪرڻ جون سفارشون ڪيون وينديون. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا پشاور ۾ فيڊرل لاج نمبر II جي عمارت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي آفيس استعمال لاءِ منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس هن عمارت ۾ مستقل بنيادن تي قائم ڪئي ويندي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اپيليٽ ٽربيونل ان لينڊ روينيو جي بينچن مان 7 اڪائونٽنٽ ميمبرن کي ايف بي آر ڏانهن واپس موڪلڻ ۽ وزارت طرفان نامزد ڪيل 14 آفيسرن کي اپيليٽ ٽربيونل انلينڊ روينيو مقرر جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا صحت واري وزارت جي سفارش تي جوائنٽ سيڪريٽري محمد اقبال کي نيشنل ڪائونسل فار هوميوپيٿي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي معيار تي پورو نه لهڻ تي بهاولپور ميڊيڪل ڪاليج کي 19 اپريل 2024ع کان ڊي-اڪريڊيٽيشن ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن اداري ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ملڪ جي ٻين ميڊيڪل ڪاليجن ۾ منتقل ڪيو ويندو. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته بهاولپور ميڊيڪل ڪاليج کي غير معياري هجڻ باوجود پي ايم ڊي سي پاران تعليمي سرگرميون جاري رکڻ جي اجازت ڇو ڏني وئي؟ وزيراعظم انسپيڪشن ڪميشن کي به جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صحت واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي اشتهارن بابت ڪاميٽي جي 17هين ۽ 18هين اجلاس ۾ ٽي وي، ريڊيو ۽ اخبارن ۾ تجويز ڪيل دوائن جا 53 اشتهار ڏيڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پاڪستان حڪومت طرفان جاويد قريشي کي ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ ڊائريڪٽر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا 27 جون 2024ع تي ٿيل اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا 4 جولاءِ 2024ع تي ٿيل ڪابينا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي حوالي سان ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت آپريشن عزم استحڪام بابت حتمي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي، وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا کي آپريشن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو، ذريعن موجب وفاقي حڪومت پاران دهشتگردي ۽شدت پسندي جي خاتمي لاءِ نيشنل ڊائلاگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آپريشن عزم استحڪام تحت 30سيڪڙو ڪارروايون ۽ 70سيڪڙو ڳالهيون ۽ ٻيا قدم ٿيندا، وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا اجلاس ۾ وزيرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽن مهينن ۾ معاملا سِڌا ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي به وقت ضايع ڪرڻ نه ڏينداسين، ڪنهن وزارت جي ضرورت آهي ته ٺيڪ آهي، پر رڳو رعايتن لاءِ ادارا قائم رکڻ برداشت ناهي، سستي ۽ دير برداشت نه ڪئي ويندي، وزير سندرا ٻڌي وٺن، مسئلا حل ڪرڻا آهن ته سڌارن ڏانهن وڃڻ  پوندو ۽ ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، غريب رڙيون ڪري ٿو، پر هتي ڪلچر ٿي ويو آهي ته مون تي نه، فلاڻي تي ٽئڪس لڳايو، ائين ته ملڪ نه هلندو، ڪراچي پورٽ اختيارين کي پنهنجو ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪندي وزيراعظم چيو ته پورٽ اختيارين جو ڪم بندرگاهه کي اثرائتو بڻائڻ آهي، پر هو ريئل اسٽيٽ مان ڪمائِي جا مشورا ڏين ٿا، پي اين ايس سي پاران 12 بحري جهاز هلائڻ لاءِ 5 ارب رپيا پگهار ۽ 5 ارب ڊالرز فريٽ جي مد ۾ ادا ڪيا ويندا آهن، ڪنهن کي خيال ئي ناهي ته وڌيڪ جهاز خريد ڪيا وڃن، وزيراعظم ڪراچي ڪسٽمز ۾ 12 سئو ارب روپين جي چوري جو انڪشاف ڪيو، هن چيو ته معاشي حدفن جي حاصلات لاءِ شفافيت ۽ خود احتسابي جي ضرورت آهي، ڊائون سائزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ جي ڪم ۾ سستي ۽ دير وارا حربا برداشت نه ڪيا ويندا. وزير اعظم چيو ته تاجڪستان جو دورو ڪيو ۽ پوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. مختلف ملڪن جي سربراهن سان مفيد ملاقاتون ٿيون. روسي صدر پيوٽن سان تجارتي ۽ سرمايه ڪاري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ جامع ڳالهيون ٿيون. جن تي عمل درآمد جي لاءِ وفاقي وزير منصوبا بندي احسان اقبال جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. چين جي دوري دوران اهم شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ڀرپور تياري ڪرڻ گهرجي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزير اعظم شهباز شريف چيو ته ڪي پي ڪي، وزيرستان ۾ شهادتون ٿيون آهن، ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڊي ايس کي به شهيد ڪيو ويو آهي. انهن جي لاءِ دعاڳو آهيان شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪريان ٿو. وزير اعظم چيو ته محرم الحرام دوران گهرو وزارت، صوبائي ۽ وفاقي طرفان جيڪو به تعاون گهربل آهي انهن کي فوري فراهم ڪيو وڃي. ان طرح آزاد ڪشمير، گلگت بلستان جي حڪومتن سان به رابطا رکيا وڃن. سيڪيورٽي معاملن ۾ تعاون سان قومي يڪجهتي اتحاد کي هٿي ملندي.

Leave A Comment