رستم: قبيلائي تڪرار جو ذميوار ڀوتارن کي قرار ڏيندڙ نوجوان تشدد بعد مارڻ جو انڪشاف: ڪيس داخل

رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) رستم ۾ پوليس آپريشن دوران قبيلائي تڪرارن جو ذميوار ڀوتارن کي قرار ڏيندڙ شاگرد ۽ نوجوان سميت 3ڄڻا مارجڻ واري واقعي جو ڪيس داخل،  هڪ نوجوان کي تشدد ڪري بعد ۾ مبينا مقابلي ۾ مارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڄاڻ موجب شڪارپور ۾ گهوٽ الطاف مهر، سندس ڀاءُ محمد حسن ۽ ڊرائيور رمضان مهر جي قتل بعد پوليس ڳوٺ عالم ۽ دودو سعدخاناڻي ۾ چڙهائي ڪري مبينا طور مارٽر گولا فائر ڪيا هئا، پوليس جي ڪارروائي ۾ قبيلائي تڪرارن جو ذميوارن ڀوتارن کي قرار ڏيندڙ نوجوان مالڪ ڏنو سعد خاناڻي، فرسٽ ايئر جو شاگرد مهربان ۽ اربيلو سعدخاناڻي جتوئي مارجي ويا هئا، ايس ايس پي شڪارپور ڪارروائي دوران 4 ڏوهارين کي مارڻ ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ڄاڻا ويا هئا،پوليس آپريشن ۾ مارجي ويل ٽنهي مبينا جوابدارن اربيلو سعدخاناڻي جتوئي، شاگرد مھربان سعدخاناڻي جتوئي ۽ مالڪ ڏنو سعدخاناڻي جتوئي جا لاش خانپور اسپتال مان وارثن حوالي ڪيا ويا هئا،   ٻئي طرف شڪارپور پوليس پاران سرڪاري مدعيت ۾ ايس ايچ او اسٽورٽ گنج خليل احمد رند جي فرياد تي رستم ٿاڻي تي 12 سڃاتل ۽ 8 اڻڄاتل ھٿياربندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنھن ۾ شڪارپور پوليس پھريان واري موقف تان ھٽي وئي، پوليس داخل ڪيل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيوته شڪارپور پوليس پاران مرزا واھ واري علائقي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن ڪيو ته ڳوٺ عالم سعدخاناڻي جتوئي ڀرسان 12 سڃاتل جوابدار ۽ 8 اڻسڃاتل ھٿياربند بيٺل ھئا، جنھن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي ته پنھنجي بچاءُ ۾ پوليس پارٽي پاران به فائرنگ ڪئي وئي، جنھن دوران ساٿي ھٿياربندن جون گوليون لڳڻ ڪري ٽي جوابدار 17/18 سالن جو مھربان سعدخاناڻي جتوئي 35/36 ورھين جو مالڪ ڏنو سعدخاناڻي جتوئي 55/56 سالن جو اربيلو سعدخاناڻي جتوئي مارجي ويا، پوليس مارجي ويل ٽنھي جوابدارن جا لاش کڻائي خانپور اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا، جڏھن ته شڪارپور پوليس پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ لکيو ھو ته آپريشن دوران پوليس سان مقابلي وقت چار ھٿياربند مارجي ويا آھن، جنھن دعويٰ تان شڪارپور پوليس داخل ڪيل ڪيس ۾ ھٿ کڻي وئي آھي، ٻي طرف پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل مالڪ ڏنو سعدخاناڻي جتوئي تي تشدد جا نشان ظاهر ٿيا آهن، وارثن موجب اسان جي نوجوان کي پهريان گرفتار ڪرڻ بعد تشدد ڪري بعد ۾ مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو آهي.
 

خانگي ماڻهن سان گڏجي پوليس اسان جي نوجوانن کي ماريو: وارث

رستم: مارجي ويل ٻن ڄڻن مالڪ ڏنو سعدخاناڻي جتوئي ۽ مھربان سعدخاناڻي جتوئي جي وارثن گل جتوئي، گلزار غوث بخش سعدخاناڻي جتوئي ۽ علي سعدخاناڻي جتوئي خانپور ۾ مقامي صحافين کي ٻڌايو ته سندن نوجوانن کي شڪارپور پوليس پرائيويٽ ماڻھن سان گڏجي چڙھائي ڪري ماريو آھي، مٿن ڪوبه ڪيس داخل ناھي، جڏھن ته پوليس آپريشن جي دعويٰ م مارجي ويل مھربان سعدخاناڻي جتوئي فرسٽ ايئر جو شاگرد به آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته ڀوتارن پاران 30 نومبر 2025 تي مقرر ڪيل جتوئي- مھر تڪرار واري تاريخ ڪينسل ڪري قتل عام ڪرايو آھي، حڪومت سنجيدگي اختيار ڪري ذاتي تڪرار ختم نه ٿي ڪرائي نه وري متاثر خاندانن کي انصاف ڏياريو وڃي.
 

گهوٽ سميت 3 ڄڻن جو قتل ڪيس جتوئي هائوس ترجمان ۽ ٻين خلاف داخل

شڪارپور (رپورٽر) مهر-جتوئي تڪرار تان قتل گھوٽ، سندس ڀاءُ ۽ ڊرائيور جا قتل ڪيس جتوئي ھائوس جي ترجمان سميت 22جڻن خلاف داخل، شڪارپور ۾ مهر ۽ جتوئي برادري تڪرار جي آڙ ۾ قتل ٿيل گهوٽ غلام رسول عرف الطاف مهر، معصوم نينگر محمد حسن مهر ۽ ڪار ڊرائيور محمد رمضان مهر جي قتلن جا ڪيس اسٽور گنج ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس مقتول گهوٽ جي امڙ مسمات شبيران مهر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته جتوئي برادري سان تعلق رکندڙ 10 کان وڌيڪ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽنهي ڄڻن کي قتل ڪيو، ڪيس ۾ جتوئي هائوس جي ترجمان علي حسن جتوئي سميت ڪل 26 ڄاتل ۽ 6 اڻڃاتل جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل ۽ ٻين سنگين قلم ھنيا ويا آھن، ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۾ علي حسن جتوئي، اربيلو جتوئي، مهربان جتوئي، عبدالمالڪ عرف مالڪ ڏنو جتوئي، انجنيئر جتوئي، الله بخش جتوئي، الله ڏنو جتوئي، بنگل جتوئي، نور حسن جتوئي، گل بيگ جتوئي، گگو جتوئي، باشو عرف بادشاهه، مريد جتوئي، سائين بخش جتوئي، سعيدو جتوئي، جمشير جتوئي، ظهور جتوئي، الله وڌايو جتوئي، شمن عرف شمو جتوئي، غلام مصطفيٰ جتوئي، بلاول جتوئي، قلندر بخش جتوئي، علي ڏنو جتوئي، ديدار جتوئي، گل حسن جتوئي ۽ محب جتوئي، جڏهن ته 6 جوابدار اڻڃاتل شامل آھن، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
 

مهر-جتوئي تڪرار حساس آهي، ڌرين جا ڀوتار امن ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن: پوليس
 

رستم: ڊي ايس پي خانپور راڻا نصرالله ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته جتوئي- مھر تڪرار تمام گھڻو حساس آھي، ھٿياربند وجھه وٺي بيگناھ ماڻھن کي ٽارگيٽ بڻائين ٿا، جھيڙن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ به ڪوشش ڪري ٿو، ۽ ٻنھي ڌرين جي ڀوتارن کي به گذارش ڪئي وئي آھي ته امن ڪرايو وڃي.
 

قبيلائي تڪرار سان واسطو ناهي، ناحق ماڻهن کي قتل ڪيو ويو: مقتولن جا معصوم ٻارڙا
 

شڪارپور: شڪارپور واقعي ۾ مارجي ويل ٻنهي گھوٽن ۽ ٽيڪسي ڊرائيور جي وارثن ۽ معصوم ٻارڙن  چيو ته سندن پري پري تائين ڪنهن به قبيلائي جھيڙي يا تڪرار سان ڪو به واسطو ناهي، هنن چيو ته بيگناهه ماڻهن کي ناحق قتل ڪري کين ظلم جو نشانو بڻايو ويو آهي، وارثن ۽ معصوم ٻارڙن جو چوڻ هو ته اسان جا پيارا رڳو روزگار ۽ شادي جي خوشين لاءِ وڃي رهيا هئا پر هٿياربندن بنا ڪنهن ڏوهه جي کين گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، هنن سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيوته واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.