غزه ۽ لبنان ۾ وڌيڪ 72 ڄڻا شهيد، حزب الله جي مزاحمت، 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا
آڪٽوبر 28, 2024
غزه/ بيروت (م ڊ) اسرائيل پاران فلسطين ۽ لبنان ۾ ظالماڻيون ڪارروائيون جاري آهن، جنهن ۾ غزه ۾ وڌيڪ 53 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته لبنان ۾ به 19 ڄڻن کي شهيد ڪيو ويو
لبناني ويڙهاڪ تنظيم حزب الله جي ڪارروائي ۾ وڌيڪ 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا. ان ڏس ۾ عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج ڪالهه عزه جي علائقي بيت لاهيه ۾ بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 45 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ان کان سواءِ اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 6 عمارتون تباهه ٿي ويون
غزه جي شاطعي ڪيمپ تي پڻ اسرائيلي فوج بمباري ڪئي، جنهن ۾ ۾ ٽن صحافين سميت 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا. ان کان سواءِ يهودي فوج جباليا ڪيمپ تي بمباري ڪري ٻن فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو
ميڊيا رورٽن موجب مجموعي طور تي اسرائيلي فوج رفح، جباليه ۽ نصيرات ڪيمپن کي نشانو بڻايو. تازين ڪارروائين کان پوءِ فلسطين ۾ شهيدن جو تعداد 42 هزار 924 ٿي ويو آهي
هوڏانهن لبنان ۾ به اسرائيلي ڪارروائين ۾ 19 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج لبنان جي مختلف جاين تي حملا ڪيا
.حزب الله جي جوابي حملي ۾ 4 اسرائيلي مارجي ويا. اسرائيلي اختيارين لبنان ۾ چڪرين دوران چار فوجي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي