73ع جي آئين تي راتاهو هڻڻ ناهي ڏنو: پ پ جو اپوزيشن کي جواب

73ع جي آئين تي راتاهو هڻڻ ناهي ڏنو: پ پ جو اپوزيشن کي جواب

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته 27هين ترميم تي اپوزيشن پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪري رهي آهي، اپوزيشن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پ پ 73ع جي آئين تي ڪو به راتاهو هڻڻ ناهي ڏنو، سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ جمهوريت لاءِ هر طرح جي قرباني ڏني آهي، پ پ ترميمن تي ڊگهي مشاورت بعد پنهنجو فيصلو ٻڌايو آهي.