نيو سعيد آباد ويجھو نينگر سان مبينا بدفعلي، جوابدارگرفتار

نيو سعيد آباد ويجھو نينگر سان مبينا بدفعلي، جوابدارگرفتار

نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ اڳرو راھو واسي 12 ورهين جي نينگر انس راھو سان بدفعلي جو  ڪيس نيوسعيدآباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. نيوسعيدآباد ٿاڻي تي زبير پٽ الھبچايو راھو ڪيس داخل ڪرايو آھي ته منھنجي ٻارنھن ورهين جي ڀاءُ سان علي احمد ڪوري ٻه ڏينھن اڳ ڳوٺ جي لائبريري جي ڪمري ۾ وٺي وڃي بدفعلي ڪئي، جنھن جي دانھن ڳوٺ جي چڱن مڙس کي ڏني پر ڪنھن به فيصلو نه ڪيو جنھن بعد ٿاڻي تي اچي ڪيس داخل ڪرايو آھي.پوليس جوابدار احمد علي کي گرفتار ڪري متاثر نينگر کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪيو آھي.