Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_t2qprlgnuckgdbgt8nltcp9b1v, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
8نومبر امر جليل جو جنم ڏينھن ... امر جليل جي لکڻين مان چونڊ نثري ٽڪرا ... چونڊ: ھمير گاد - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar 8نومبر امر جليل جو جنم ڏينھن ... امر جليل جي لکڻين مان چونڊ نثري ٽڪرا ... چونڊ: ھمير گاد - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ڪورونا وگهي مريض فوت*80 سالن جي حڪيم الدين پٽ شرف الدين جو مڙهه ايڌي پاران غسل ڪفن بعد وارثن حوالي *فوتي مريض جو تعلق عثمان آباد واري علائقي سان آهي:ايڌي انچارج*

8نومبر امر جليل جو جنم ڏينھن … امر جليل جي لکڻين مان چونڊ نثري ٽڪرا … چونڊ: ھمير گاد

تاريخ ڏند ڪٿا نه آھي، تاريخ ماضيء جو عبرتڪدو ۽ آئيندي جو سونهون آھي.
هر بدنصيب انسان جو حافظو سٺو هوندو آھي.
۽ جيڪڏهن نڪاح چمپل وانگر ڇڄي به پيو ته کڻي ڪنهن موچيء کان ڳنڍرائينداسين.
جنهن سان ازل جي محبت جي پڪ ٿي ويندي آھي، تنهن سان شادي نه ڪبي آھي. اهي چاهتون جن جا فيصلا آسمانن تي ٿيندا آھن، سي شاديء جون محتاج نه ٿينديون آھن.شادي اهڙين چاهتن جي توهين آھي.
سڀ کان طويل ۽ جٽادار جنگ خاموش رهي وڙھبي آھي. ان جنگ ۾ انسان جو گهڻو ڪري مقابلو ڪائنات سان ٿيندو آھي.
چيائين: تون بدلجي ويو آهين چيومانس زندگي جي دردن جيئڻ جو انداز بدلائي ڇڏيو آهي، باقي ساڳيو آهيان.
جيڪڏھن توھان سچ ڳالھايو ٿا تہ ماڻھو توھان کي چريو سمجھندا.
ماڻھن جنت جي شوق ۾ دنيا کي بـ دوزخ بناـٔي ڇڏيو.
چوندا آهن، ٻئي کي کلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر، مون محسوس ڪيو آهي ته زندگيءَ ۾ انيڪ گھڙيون اهڙيون به اينديون آهن، جڏهن انسان ٻين کي کلائي سگھندو آهي، پر پاڻ کلي نه سگھندو آهي.
سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي.. ڪجهه به ساڳيو نه لڳندو آهي.. هي سج، چنڊ ۽ نه ئي وري چئن موسمن جو تاثر، سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي ۽ اسين يادن جا قديم آثار ٿِي زندگي گُذاريندا آهيون!
انسان مڇين وانگر سمنڊ م ترڻ سکيو پکين وانگر فضائن م اڏامڻ سکيو پر هن ڌرتي تي اڃان تائين انسان ٿي رهڻ ناهي سکيو!
منافقن جي ڀاڪرن کان، سرعام جي نفرت بهتر آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *