| 8 فلمن جي ناڪامي تي گهر اچي روئندو هئس: عامر خان |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار عامر خان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ پيش آيل مشڪلاتن تان پردو کڻي ڇڏيو. لنڊن فلم فيسٽيول ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هو شروعاتي دور ۾ ذهني دٻاءُ جو شڪار رهيو، اڪثر ڪم کان واپسي تي گهر اچي روئندو هو. 1988ع ۾ فلم ’قيامت سي قيامت تڪ‘ ذريعي کيس رات وچ ۾ شهرت ته ملي وئي پر عملي طور حالتون ايتريون آسان نه هيون. هن چيو ته هٽ فلم ڏيڻ باوجود کيس وڏن فلمسازن ۽ هدايتڪارن پاران اها موٽ نه ملي، جنهن جي کيس اميد هئي. عامر خان موجب جن هدايتڪارن سان هو ڪم ڪرڻ چاهيندو هو، انهن ڪڏهن به ساڻس رابطو نه ڪيو، جنهن ڪري هو پاڻ کي غير يقيني واري صورتحال ۾ محسوس ڪندو هو. هن ٻڌايو ته هن غير يقيني ۽ دٻاءُ هيٺ هڪ ئي وقت 8 کان 10 فلمون سائن ڪري ورتيون، جن ۾ اڪثر نئين هدايتڪارن جا پراجيڪٽ شامل هئا. جيتوڻيڪ ڪجهه ئي مهينن ۾ کيس اندازو ٿي ويو ته اهو فيصلو غلط هو، پر هن پنهنجا واعدا نڀائيندي سڀ فلمون مڪمل ڪيون.عامر خان موجب اهي فلمون ناڪام ٿيڻ تي مٿس’ون فلم ونڊر‘ جو ليبل لڳي ويو. انهي صورتحال ۾ هو اڪثر گهر اچي روئيندو هو.