| 8 فيبروري تي ڪارو ڏينهن: جدوجهد جاري رکبي: سلمان اڪرم راجا |
ڪراچي: پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي محمد زبير چيو آهي ته جلسي لاءِ اين او سي ملڻ باوجود باغ جناح پهتل ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو. ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان بدسلوڪي ڪئي وئي، هن چيو ته رياستي ادارن جي ڪاررواين سان ملڪ ۾ انتشار پيدا ٿيو. قوم ۽ رياست وچ ۾ مفاصلو وڌندو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت معاشي بدحاليءَ سان گڏ سياسي عدم استحڪام جو به شڪار آهي. هن چيو ته اسان جي پارٽي دهشتگردي جي حمايت نٿي ڪري، بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مظلومن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته سياست کي ڏوهه بڻائڻ بدران سياسي آزادي ڏني وڃي. هن اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ جي جدوجهد جاري رکندي، 8 فيبروري تي ملڪ گير يومِ سياهه ( ڪارو ڏينهن ) ملهايو ويندو. ان موقعي تي تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي ترجمان ۽ اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير چيو ته ملڪ ۾ معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، جنهن سبب مڊل ڪلاس سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو ته مقبول سياسي اڳواڻن تي پابنديون عوامي ردِعمل کي وڌائي رهيون آهن.