| 80 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون غائب؟ ڊي ايف سي دادو معطل، سپروائيز برطرف |
دادو(رپورٽر) دادو ۾ سرڪاري گدامن مان مبينا طور تي لڳ ڀڳ 70 هزار کان 80 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون گم ۽ وڪري جو وڏو انڪشاف سامهون اچي ويو، ذريعن مطابق ضلعي گدامن جي سالياني اسٽاڪ چڪاس دوران ڪڻڪ سان ڀريل هزارين ٻورين جي گهٽتائي ظاهر ٿي، جنهن کان پوءِ ڊي ايف سي دادو منصور احمد ميراڻي کي فوري طور معطل ڪري فوڊ ڊپارٽمينٽ ڪراچي هيڊ ڪوارٽر ۾ رپورٽ ڪيو ويو، تحقيقاتي ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف گدامن مان ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ کوٽ رپورٽ ٿيڻ بعد ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته سپروائزر حسن دل جي ذميواري هيٺ سينٽر مان به هزارين ٻوريون غائب هجڻ جو انڪشاف ٿيو، جنهن سبب کيس فوري طور نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي فوڊ ڊپارٽمينٽ طرفان ڪڻڪ اسڪينڊل جو نوٽيس وٺندي جاچ شروع ڪري ڏني، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته وڌيڪ ذميوارن خلاف به سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي