| 804 تسبيح وارو ايندو ۽ سڀ ترميمون ختم ٿي وينديون: نورالحق |
اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر نورالحق قادري چيو آهي ته 804 تسبيح وارو ايندو ۽ هي سموريون ترميمون ختم ٿي وينديون، بس ان جي اچڻ جي دير آهي سيف الله ابڙو چيو ته حڪومت مزي سان ڪجهه ڪلاڪن ۾ ترميمون منظور ڪري وٺندي پر اپوزيشن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو. سينيٽ ۾ سيف الله چيو ته اسان جي پارلياماني ليڊر ان ڳالهايو آهي، حڪومت انهي کان خوش آهي، هو ايماندار آهي پر ڇا اوهان جو پارلياماني ليڊر ايماندار آهي. سينيٽر نورالحق قادري چيو ته هن ترميم سان عدليه جي آزادي تي حملو ڪيو ويو، اسان عمران جي آزادي جي ڳالهه ڪندا رهنداسين، هن ترميم سان اوهان عدليه کي گرفتار ڪري رهيا آهيو.