| اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر، چيف سليڪٽر محمد الياس لاڏاڻو ڪري ويو |
الياس 10 ٽيسٽ، 82 فرسٽ ڪلاس ميچون کيڏيون، سينئر، جونيئر ۽ عورتن جي ٽيم جو سليڪٽر رهيو
لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد الياس 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. فيملي ذريعن موجب محمد الياس جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا هو، ڪجهه ڏينهن اڳ سرجري کانپوءِ سندس طبيعت بگڙي وئي هئي، هن ڪالهه لاهور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. محمد الياس ڏهه ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ته 82 فرسٽ ڪلاس ميچون پڻ کيڏيون، محمد الياس پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ۾ چيف سليڪٽر به رهيو، ان کانسواءِ قومي سلڪيشن ڪميٽي جي جونيئر سليڪشن ڪميٽي جو رڪن ۽ وومين ڪرڪيٽ سليڪش ڪميٽي جو به هيڊ رهيو.