9مئي جا پنجاب ۾ 319 ڪيس: 35962 جوابدار، 11367 گرفتار، 24595 مفرور: رپورٽ سپريم ڪورٽ حوالي، 4 مهينن ۾ فيصلن جو حڪم
اپريل 9, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چئن مهينن ۾ 9 مئي متعلق ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو ته دهشتگردي جي خاتمي واريون عدالتون چئن مهينن ۾ 9 مئي متعلق ڪيسن جو فيصلو ڪن ۽ هر 15 ڏينهن جي اڳڀرائي رپورٽ لاڳاپيل چيف جسٽس وٽ جمع ڪرائي وڃي. جڏهن ته پنجاب حڪومت سانحه 9مئي جي رپورٽ به جمع ڪرائي ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ 9 مئي جوابدارن جي ضمانت رد جي پنجاب حڪومت جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽصس شڪيل احمد شامل هئا. ٻڌڻي جي شروعات ۾ پنجاب حڪومت 9 مئي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. رپورٽ مطابق پنجاب ۾ 9 مئي جي هنگامن سان 19 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. 9 مئي سانحي ۾ ٽوٽل جوابدارن جو تعداد 35 هزار 962 آهي. جڏهن ته 9 مئي جا 24 هزار 595 جوابدار هن وقت تائين مفرور آهن. جڏهن ته 11 هزار 367 جوابدار گرفتار آهن. رپورٽ مطابق 9 مئي تي پوري پنجاب اندر 38 ضلعن ۾ 319 ڪيس داخل ٿيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 9 مئي احتجاج يا ريلي نه اداري تي حملو هيو. پنجاب حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٽن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪيو وڃي. جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏانا ته ٽن ۾ نه چئن مهينن ۾ ٽرائل ڪورٽ کي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ جو چونداسين. وڪيل فصل چوڌري چيو ته اسان جي خلاف 35 ڪيس آهن. ايتري گهٽ عرصي ۾ ٽرائل مڪمل نه ٿيندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اوهان کي نه ٻڌنداسين ڇو ته اوهان جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ناهي. فيصل چوڌري استدعا ڪئي ته پوءِ اسان جو ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته مردان ۾ مشال خان قتل جو واقعو ٿيو. مان ان وقت پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هئس. مشال خان قتل ڪيس جو ٽن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ٿيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت تي اعتماد ڪريو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پرفارم ڪري سگهي ٿي. ٻڌڻي جي آخر ۾ چيف جسٽس پاڪستان حڪم نامو لکرائيندي چيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۽ هاءِ ڪورٽس شاهدين جو درست جائزو ناهي ورتو. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل پنجاب واجد گيلاني ٻڌايو ته هن وقت تائين 28 گواهن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن. دهشتگردي ٽوڙ عدالتون چئن مهينن ۾ 9 مئي متعلق ڪيسن جو فيصلو ڪن. ۽ هر 15 ڏينهن جي اڳڀرائي رپورٽ لاڳاپيل چيف جسٽسز کي اماڻي وڃي. واضع رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ٽرائل روزانو جي بنياد تي ٿيندو. ٽرائل ڪورٽ ۾ جوابدارن تي داخل ٻين ڪيسن سبب حق متاثر نه ٿيندا.