9مئي جوابدارن کي سزائون عمران کي فوجي عدالتن ۾ آڻڻ جو منصوبو قرار: اڄ کان سول نافرماني جو مشروط سڏ

ڊسمبر 22, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) پي ٽي آءِ فوجي عدالتن مان سزائون رد ڪندي چيو آهي ته اهو عمران کي فوجي عدالتن آڏو پيش ڪرڻ جو منصوبو آهي، عمران اڄ کان سول نافرماني جو مشروط سڏ ڏئي ڇڏيو، رپورٽس موجب پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي ڏوڪڙ نه ملڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته اڄ کان پاڪستان ۾ پنهنجا پيسا نه موڪليا وڃن ڇو جو حڪومت جي ڳالهين جي نيت صحيح نه لڳي رهي آهي، حڪومت جو ڪميشن جوڙڻ جو ارادو ناهي، عليمه چيو ته  ايندڙ 3-4 مهينا باني پي ٽي آءِ پڪا جيل ۾ رهندو. اڊيالا جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن هتان کان سزا ملي ٿي ته هاءِ ڪورٽ مان رليف ملي وڃي ٿو. القادر ٽرسٽ جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ويندو جنهن ۾ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا، ايندڙ ٽن کان 4 مهينا باني پي ٽي آءِ پڪا جيل ۾ رهندو، عليمه خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪي 26 نومبر تي احتجاج ۾ گرفتار ٿيا انهن مٿان ڪيس ٺاهيا ويا باني جا 2 مطالبا آهن پر حڪومت جي نيت ناهي ته ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي ۽ 26 نومبر تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهي وڃي. هن چيو ته عمران جو چوڻ هو ته حڪومت جو ڪميشن جوڙڻ جو ارادو ناهي، اڄ کان ڪال تي عمل ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين چيو آهي ته 26 نومبر تي قتل عام ٿيو ۽ پاڪستان جي رياست اڄ تائين خاموش آهي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي. سنائيپر ذريعي گوليون هنيون ويون. گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪري عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي ڏيکاري ته سول نافرماني جو سڏ واپس ورتو ويندو. جيڪڏهن آچر تائين اسان جي ڳالهه نه مڃي وئي ته پرڏيهه رهندڙ پاڪستاني آچر کان پئسا نه موڪليندا. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب فوجي عدالتن کي ڪينگرو ڪورٽس قرار ڏيندي 9 مئي سانحي جي جوابدارن کي فوجي عدالتن پاران ٻڌايل سزائن کي رد ڪري ڇڏيو، عمر ايوب چيو ته فوجي عدالتن پاران ٻڌايل سزائون انصاف جي اصولن خلاف آهن،حراست ۾ ورتل ڪارڪنن عام شهري آهن ۽ انهن تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلي نه ٿو سگهي، فوجي عدالتون ڪينگرو ڪورٽس آهن، عدالتي طاقت ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيون  ٿي سگهن، فوجي عدالتن جو قائم ٿيڻ ئي عام شهرين سميت عدليه جي آزادي خلاف آهي، فوجي عدالتن مان سويلينز خلاف سزائن کي رد ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ جي گرفتار ماڻهن کي اصولن جي اُبتڙ سزائون ٻڌايون ويون، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته فوجي عدالتن جو فيصلو بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙن فيصلن کي هر فورم تي چئلينج ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مايوسي ٿي، شهرين کي پنهنجي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي، اسان انصاف لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته فوجي عدالتن جو فيصلو غيرآئيني آهي ۽ عمران کي فوجي عدالتن آڏو پيش ڪرڻ جو منصوبو آهي، جيڪڏهن عمران کي فوجي عدالتن آڏو پيش ڪيو ويو ته اهو تمام برو ڏينهن هوندو ، جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿيو اسان هيل تائين ان مان ناهيون نڪري سگهيا، هن چيو ته طاقتور ڌرين کي اپيل ڪريون ٿا ته ايئن نه ڪريو پوري دنيا ۾ اسان جو مذاق بڻجندو، اسان کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪريو، فوجي عدالتن مان سزائن باوجود اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، سلمان اڪرم چيو ته باني پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ ڊيڊلائن ڏني آهي جنهن کي هو وڌائي به سگهي ٿو، اسان پاڪستان جي ڀلائي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، پر هيل تائين حڪومت ڪوئي رابطو ناهي ڪيو. ان موقعي تي لطيف کوسه چيو ته فوجي عدالتن پاران ٻڌايل سزائون غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهن، فوجي ملڪيتن تي حملي جو الزام آهي ته فوجي جج ڪيس ڪيئن ٻڌي سگهي ٿو؟ فوجي عدالتون پنهنجي ملازمن جي ڊسپلين تي ڪارروائي ڪري سگهن ٿيون پر سويلنز جو ٽرائل نٿيون ڪري سگهن.

Leave A Comment