9مئي جوابدارن کي عدالتون سزا ڏين ها ته هي ڏينهن نه ڏسون ها، آرمي چيف لشڪر خلاف ڀرپور سهڪار ڪيو: وزيراعظم
نومبر 28, 2024
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ لشڪر کي منهن ڏيڻ لاءِ آرمي چيف ڀرپور سهڪار ڪيو، سيڪيورٽي فورسز رٿابندي سان شرپسندن کي ڪنٽرول ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، اڄ کانپوءِ فسادين ۽ ملڪ دشمنن کي وڌيڪ موقعو نه ڏنو ويندو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته عدالتون 9 مئي جي ڏوهارين کي سخت سزائون ڏين ها ته اهو ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها، فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ بچائڻو آهي يا آئي ڏينهن ڌرڻن کي منهن ڏيندا رهون، وزيراعظم چيو ته فسادين کي پوئتي ڌِڪڻ تي پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي داد ڏيان ٿو، اسلام آباد تي چڙهائي جي روايت 2014ع ۾ وڌي وئي، اُن کان اڳ اسلام آباد تي چڙهائي جو تصور به نه ڪيو ويندو هو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، خيبرپختونخوا هينئر دهشتگردي جي وڪڙ ۾ آهي، صوبائي حڪومت کي اُن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها، فساد جي نتيجي ۾ معيشت کي جيڪو نقصان ٿيو، اُهو سڀني اڳيان آهي. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ فساد برپا ڪيو، سيڪيورٽي ادارن شرپسندن تي ڪنٽرول ڪيو، اسلام آباد ۾ برپا ڪيل فساد جو سٺي نموني خاتمو ڪيو ويو، گڏيل مشاورت سان سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، معيشت بچائڻي آهي ترقي ڪرڻي آهي يا پوءِ ڌرڻن کي منهن ڏيڻو آهي، ڌرڻي سان معيشت تباهه ٿيڻ ڏيون؟ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کانسواءِ ڪو ٻيو دڳ ناهي. فسادين کي وڌيڪ موقعو نه ڏينداسين، پاڪستان کي نقصان پهچائيندڙ هٿ ٽوڙي ڇڏينداسين، سياست ۾ فتني جي گنجائش ناهي هوندي. هوڏانهن چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنداوا ۽ آءِ جي اسلام آباد گڏيل پريس ڪانفرنس ٻڌايو ته مجموعي طور تي 954 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گذريل هڪ ڏينهن ۾ 600 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ۽ 210 گاڏين کي پڪڙيو ويو، 39 هٿيار به پڪڙيا ويا، جنهن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ وڏي تعداد ۾ ٻيا هٿيار شامل آهن، مظاهرين جي حملي ۽ فائرنگ ۾ 71 فورسز جا جوان زخمي ٿيا، جن مان 52 صرف گذريل هڪڙي ڏينهن فورسز جا جوان ۽ آفيسر زخمي ٿيا. 3 رينجرز جي اهلڪارن کي شهادت نصيب ٿي آهي، 27 اهلڪار گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيا. مالي طور تي ڪروڙين ۽ اربين جو نقصان ڪيو ويو آهي. مظاهرين خطرناڪ هٿيار استعمال ڪندي پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي. هن وقت تائين دهشتگردي ايڪٽ تحت 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪيسن ۾ سمورن واقعو ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن سڀني کي شامل ڪيو ويو آهي، مظاهرين پاران مارڪيٽن تي پڻ حملا ڪيا ويا، گرين بيلٽ کي ساڙيو ويو، مظاهرين ميٽرو بس اسٽيشنن، سيف سٽي ڪيمرائن کي به نقصان پهچايو. هنن چيو ته احتجاج ۾ پرڏيهي افغان شهري به شامل هئا، پاڪستان ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پوليس پاران گشت ۽ سرچ آپريشن به جاري رکيو ويندو، ڪوبه افغان شهري سيڪيورٽي ڪليئرنس کانسواءِ اسلام آباد ۾ نه رهي سگهندو، گذريل ڏينهن 19 ۽ ان کان اڳ 37 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو هو، وڃي اِهي هِتي رهن به ۽ دهشتگردي به ڪن اهو ممڪن ناهي. احتجاج هڪ ڳالهه آهي، دهشتگردي ٻي ڳالهه آهي، آءِ جي چيو ته اسلام آباد ۾ صوبائي حڪومت پاران ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويو، پوليس پاران مظاهرين کي روڪڻ تي هنن سڌي فائرنگ ڪئي. اهڙين گاڏين جا 3000 کان وڌيڪ فوٽيج سامهون آيا آهن جن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. آءِ جي اسلام آباد چيو ته سرچ آپريشن به جاري آهي، گهرن ۽ هاسٽلن جي به ڪئمرائن جي مدد سان نگراني ڪئي پئي.