9مئي واقعا: ڪي پي ۾ 800 ڄڻا گرفتار، ڪيترائي اسيمبلي ميمبرز روپوش

مَي 21, 2023

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ 9مئي واقعن جي ڪيسز ۾ اڳوڻن صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرز سوڌو 809 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن پوليس موجب ايف آءِ آرز ۾ نامزد ڪيترائي اڳوڻا صوبائي وزير ۽ ڪيترائي اسيمبلي ميمبرز 9مئي کان روپوش آهن

پوليس رپورٽ موجب خيبرپختونخوا ۾ 9 ۽ 10مئي جي پرتشدد احتجاج ڪيو ويو جنهن بعد دهشتگردي جا 18 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ 809 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن

پوليس رپورٽ موجب پشاور ريجن ۾ 5 ڪوهاٽ ريجن ۾ 4 مردان ريجن ۾ دهشتگردي جون 3 ايف آءِ آرز داخل ڪيو ويون آهن پشاور ۾ 267 مردان ۾ 216 ۽ ڪوهاٽ ۾ 114 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

Leave A Comment