9مئي واقعن جي مذمت: پي پي ٽي آءِ وومين ونگ جي جنرل سيڪريٽري پلوشه عباسي برطرف

مَي 21, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ وومين ونگ جي جنرل سيڪريٽري پلوشه عباسي کي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو، پاڪستان تحريڪ انصاف ڄاڻايو آهي ته پلوشه عباسي کي وومين ونگ جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي برطرف ڪيو ويو آهي

 پلوشه خان 9مئي واقعن جي مذمت ڪئي هئي، پلوشه خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جي ايچ ڪيو تي حملي بابت تصويرون شيئر ڪندي لکيو هو ته 9مئي واقعي جي مذمت ڪريان ٿي اميد آهي خان صاحب هن واقعي جو نوٽيس وٺندو ته ڪيئن شين کي وڌايو پيو وڃي

پلوشه خان لکيو هو ته قانون جو ساٿ ڏينديس پنهنجي قانوني ٽيم سان مشاورت بعد سمورا ثبوت منظرعام تي آڻينديس

Leave A Comment