9مئي واقعو: شاهه محمود قريشي جي ضمانت ۾ 15جولاءِ تائين واڌ

جُولاءِ 4, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) شاهه محمود قريشي خلاف 9 مئي پرتشدد ڪاررواين ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 15 جولاءِ تائين ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

شاهه محمود قريشي ايڊيشنل سيشن جج سيد محمد هارون شاهه جي آڏو پيش ٿيو، وڪيل علي بخاري جي  غير موجودگي  سبب دليل پيش نه ٿي سگهيا، عدالت ضمانت ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين عدالت ٻاهران ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف کان 9 مهينن لاءِ اسٽينڊ باءِ  قرض ملڻ سان وقتي طور تي ته ڊيفالٽ جو خطرو ٽري ويو پر ڪجهه مهينن بعد ڇا ٿيندو؟ هر سياسي پارٽي لائحه عمل جوڙيندي آهي، اسان پرامن طور اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام