اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي پاڪستان، پاڪ فوج ۽ سپهه سالار خلاف سازش هئي، سازش جو سربراهه پي ٽي آءِ چيئرمين هو
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ان سازش ۾ عورتون، مرد سياسي جٿا، ڪجهه فوجي ۽ انهن جا خاندان به شامل هئا
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سازش ڪندڙن جي ڪوشش هئي ته فوج جو تختو اونڌو ڪجي، پاڪستان ۾ انارڪي ۽ گهرو ويڙهه ٿي وڃي