| 9 مئي بابت جلد فيصلن وارا مطالبا عدليه تي دٻاءُ وجهي سياسي انجنيئرنگ ڪرڻ آهن: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف چيو آهي ته 9 مئي بابت جلد فيصلن وارا مطالبا عدليه تي دٻاءُ وجهي سياسي انجنيئرنگ ڪرڻ آهن حنيف عباسي جي بيان تي رد عمل ڏيندي پي ٽي آءِ ترجمان چيو آهي ته حنيف عباسي جهڙن ماڻهن لاءِ شايد اهو سمجهڻ سڀ کان وڌيڪ مشڪل آهي ته عمران خان هميشه پاڪستان جي حفاظت، وقار ۽ اتحاد لاءِ هر ڏکئي مرحلي تي پنهنجي ملڪ پنهنجي ادارن ۽ پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيهي قيادت ڪئي آهي۔ ڀارت تي سفارتي، عسڪري برتري کان وٺي عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور دفاع تائين عمران خان ملڪي ادارن جي ساک کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، جڏهن ته موجوده مصنوعي، امپورٽڊ ۽ جعلي حڪومت اختلاف راءِ رکندڙ هر آواز کي دشمن رياست قرار ڏئي گھٽيا هٿڪنڊا استعمال ڪري رهي آهي۔ عوام هن سياسي ڊرامي بازي کي رد ڪيو آهي۔ ترجمان چيو ته حنيف عباسي جي 9 مئي بابت جلد فيصلن واري ڳالهه پاڻ اعتراف آهي ته حڪومت عدليه تي دٻاءُ وجهي سياسي انجنيئرنگ کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي۔ ملڪ جي سلامتي کي نقصان اهي ماڻھو پهچائين ٿا جيڪي ملڪي ادارن کي سياسي لٺ بڻائي مخالفن تي چڙهائي ڪن ٿا۔ الزام تراشي، جعلي ڪيسن، ميڊيا ٽرائل ۽ ڌمڪين سان نه سچ لڪائي سگهجي ٿو ۽ نه عمران خان جي مقبوليت ۾ گهٽتائي اچي ٿي۔ ترجمان تحريڪ انصاف مطابق عمران خان جنهن بهادري ۽ حوصلي سان جيل ڪاٽي رهيو آهي. پر مخالف نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز يا آصف زرداري جيل جون سختون برداشت نه ڪري سگهيا۔ زرداري صاحب جا جيل جا ڏينهن اڪثر اسپتالن ۾ گذريا، نواز شريف هڪ ڀيرو سعودي عرب ۽ ٻيون ڀيرو لنڊن ڊيل ڪري فرار ٿي ويو، ۽ شهباز شريف هر ڏکئي موڙ تي غلامي وارو در ڳوليندو رهيو، يا اسپتالن جو رخ ڪندو رهيو۔