9 مئي تي حملو ڪندڙن کي آرمي ايڪٽ تحت ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: پاڪ فوج

جُون 7, 2023

راولپنڊي (م ڊ) آءِ ايس پي آر موجب ڪورڪمانڊرز جي ڪانفرنس جي ايچ ڪيو ۾ ٿي. ڪورڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ سمورن فارميشن آفيسرن شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس جي صدارت آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب فورم ۾ شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب رياست ۽ فوج شهيدن ۽ سندن گهر ڀاتين کي هميشه عزت ۽ احترام سان رکندا. فوج علائقائي سلامتي جي تحفظ جي پورائي جو عزم ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب 9 مئي جي ڪاري ڏينهن جي واقعن جي سخت مذمت ڪئي وئي. سمورن ملوث ماڻهن کي قاون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب فورم قرار ڏنو ته فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن کي آرمي ايڪٽ تحت جلد از جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

Leave A Comment