| 9 مئي جا ڪيس فالس فليگ آپريشن ثابت ٿي رهيا آهن: ڪي پي حڪومت |
پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومت جي ترجمان شفيع جان حڪومت کي بي اختيار قرار ڏيندي چيو آهي ته ڳالهين لاءِ “پنج وڏن” ۾ صرف عمران خان وٽ مينڊيٽ آهي، جڏهن ته نواز شريف ۽ شهباز شريف بااختيار ناهن. راولپنڊي ۾ اڊيالا روڊ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڳالهين لاءِ اعتماد جي فضا ضروري آهي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ ذميواري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. رانا ثناءُالله جو ڳالهين بابت بيان مذاق برابر آهي. احتجاج کان روڪڻ لاءِ 9 مئي جا ڪيس دٻاءُ طور استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ 9 مئي جا ڪيس هاڻي آهستي آهستي هڪ “فالس فليگ آپريشن” ثابت ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته 4 ڊسمبر کان پوءِ باني پي ٽي آءِ جي فيملي سان ڪا به ملاقات ناهي ڪرائي وئي، هن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت جو رويو مثبت ۽ خوش آئند آهي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي سياسي سرگرميون ڪيون وينديون.