| 9 مئي حملا ڪيس: محمود الرشيد کي 33 سال قيد جي سزا |
لاهور(م ڊ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي تي گلبرگ علائقي ۾ باهه لڳڻ ۽ گاڏين کي ساڙڻ جي ٻن ڪيسن ۾ تفصيلي تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ٻن ڪيسن ۾ ثبوتن جي کوٽ سبب 23 جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 7 جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ ميان محمود الرشيد کي ڪل 33 سال قيد ۽ 600,000 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالت فيصلو ڏنو ته ميان محمود الرشيد کي مختلف قلمن تحت الڳ الڳ سزائون ڏنيون ويون. لکيل فيصلي موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما ۽ اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سازشي اجلاس ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما جي موجودگي ثابت ٿي آهي، پراسيڪيوشن موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت چار اڳواڻن باهه لڳائڻ لاءِ عوام ۾ انتشار پکيڙيو. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن عدالت ۾ مختلف واٽس ايپ پيغامن ۽ 70 سوشل ميڊيا اڪائونٽس جا تفصيل پيش ڪيا جڏهن ته جوابدارن خلاف فرانزڪ رپورٽون به عدالت ۾ پيش ڪيون ويون. عدالت موجب جي آءِ ٽي جي جاچ ٽيم جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ جوابدارن ڪنهن به فورم تي جي آءِ ٽي رپورٽ کي چئلينج نه ڪيو. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جوابدارن پنهنجي آخري بيانن ۾ پاڻ کي بيگناهه قرار ڏنو، جڏهن ته، عدالت انهن کي ثبوتن جي بنياد تي سزا ٻڌائي.