ليفٽيننٽ جنرل سميت 3 فوجي آفيسر نوڪرين مان فارغ: فوجي ترجمان

جُون 26, 2023

راولپنڊي(پنهنجي ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چيو آهي ته پاڪ فوج 9 مئي سانحي تي پنهنجو پاڻ احتسابي عمل مڪمل ڪري ورتو آهي، حساس هنڌن جي سيڪيورٽي برقرار نه رکڻ تي ليفٽيننٽ جنرل سميت 3 اعليٰ آفيسر نوڪرين تا فارغ ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ٻن رٽائرڊ فور اسٽار جنرلن جي ڏوهٽي ۽ ناٺي کي به پڪڙ ۾ آندو ويو آهي

جي ايڇ ڪيو راولپندي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 9 مئي سانحي جي جاچ تيزي سان جاري آهي فوجي عدالتن ۾ هن وقت 102 ماڻهن جو ٽرائل جاري آهي

سندس چوڻ هو ته هن مهل تائين ڪيل جاچ ۾ ڪيترائي ثبوت ملي چڪا آهن جڏهن ته وڌيڪ ثبوت ملي رهيا آهن جن جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ڪئي پئي وڃي

آءِ ايس پي آر جي ترجمان چيو ته 9 مئي جي سانحي جي رٿابندي ڪيترن ئي مهينن کان ڪئي پئي وئي، ان لاءِ پاڪ فوج خلاف رٿابندي تحت پهرين کان ئي ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ميجر جنرل احمد شريف چيو ته شهيدن جا وارث پاڪ فوج ۽ قوم کان سخت سوال ڪري رهيا آهن ته 9 مئي سانهي جا جوابدار ڪڏهن پڪڙ ۾ ايندا؟ ڇا شرپسند شهيدن جي قرباني کي سياسي تڪرارن جي ور چاڙهي ڇڏيندا؟

هن چيو ته شهيدن جا وارث اسان کان اهوئي سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا سندن جوانن ان لاءِ قربانيون ڏنيون هيون ته سندن يادگارن جي توهين ۽ بي حرمتي ڪئي وڃي؟

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته 9 مئي جي واقعن تي شهيدن جي وارثن کي تمام گهڻي ڪاوڙ ۽ ڏک آهي اهي هر صورت انصاف چاهين ٿا ۽ چاهين ٿا ته جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي

ميجر جنرل احمد شريف چيو ته 9 مئي سانحي کي نه وساري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان ۾ ملوث شرپسندن کي معاف ڪيو ويندو، سانحي ۾ ملوث شرپسندن ۽ سندن سهولتڪارن کي سخت سزائون ڏنيون وينديون

هن چيو ته جيڪو ڪم دشمن 76 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو آڱرين تي ڳڻن جيترن شرپسندن 9 مئي تي ڪري ڏيکاريو جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي به بخش ڪيو ويو ته مستقبل ۾ ڪير به محفوظ نه هوندو

Leave A Comment