| 9 مئي سانحو: پي ٽي آءِ قيادت جو گهيرو تنگ: عمران، شاهه محمود، عمر ايوب، فواد، شبلي ۽ گنڊاپور جي ملڪ ڇڏڻ تي پابندي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سياسي افراتفري پکيڙڻ جي الزام ۾ پي ٽي آءِ قيادت جو گهيرو تنگ ڪندي تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻن جي پرڏيھ وڃڻ تي پابندي لڳائڻ لاء قدم کڻي ورتا، ذريعن موجب 9 مئي جي فسادن جي حوالي سان باني پي ٽي آءِ سميت پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻن جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي۔ سياسي اڳواڻن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏني وئي آهي۔ باني پي ٽي آءِ عمران خان، شاهه محمود قريشي، عمر ايوب، فواد چوڌري، شبلي فراز، علي امين گنڊاپور، شهريار آفريدي، عثمان ڊار، شيري مزاري، زرتاج گل، مسرت چيمه، ڪنول شوزب، شيخ رشيد، شيخ راشد، ميجر (ر) طاهر صادق، راجا بشارت ۽ واثق قيوم عباسي سميت ٻين شخصيتن تي به ٻاهرين ملڪن وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي۔ پنجاب جي گهرو وزارت فهرست سميت سفارشون وفاقي حڪومت ڏانهن موڪليون هيون 9 مئي جي فسادن متعلق نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔ جن کي منظور ڪيو ويو. واضح يهر ته عمران جي گرفتاري تي 9 مئي ڏهاڙي شديد هنگاما ۽ وڳوڙ ٿيا هئا، هجوم ۾ شامل ڪاوڙيل ماڻهن سرڪاري ملڪيتن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو هو، حڪوت وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو هو، پي ٽي آءِ قيادت تي مختلف ڪيس داخل ٿيا