لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) لاهور ۾ 9 مئي تي جناح هائوس تي حملي جي الزام ۾ قيد ٻٽي شهريت رکندڙ فيشن ڊزائنر خديجه شاهه کي آمريڪا جي درخواست تي قونصلر رسائي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان باري ۾ پنجاب جي گهرو کاتي وفاقي حڪومت کي خط لکيو آهي.
پرڏيهي وزارت کي لکيل خط ۾ قونصلر رسائي ڏيڻ بابت راءِ طلب ڪئي وئي آهي.