9 مئي واقعن جي 12 ڪيسن ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور
فيبروري 10, 2024
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعن جي 12 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪري ورتي، دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت جي جج ملڪ آصف ضمانت جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، پي ٽي آءِ جو وڪيل شيراز احمد رانجها عدالت آڏو پيش ٿيو، عدالت پراسيڪيوشن پاران مهلت ڏيڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، ساڳي عدالت 9 مئي ڪيس ۾ شيخ رشيد جي ضمانت به منظور ڪري ورتي، شيخ رشيد کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم، شيخ رشيد کي 2 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت