9 مئي واقعن ۾ 1888 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو: رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

جُون 23, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پنجاب  9 مئي جي واقعن بعد گرفتار ڪيل ماڻهن جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 9 مئي واقعن ۾ 1888 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو

 پنجاب حڪومت جي پيش ڪيل رپورٽ ۾ فوج جي حراست ۾ موجود ٻارن، صحافين ۽ وڪيلن جي ڊيٽا جي ڊيٽا شامل نه آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ 81 عورتن کي حراست ۾ ورتو ويو، 42 ضمانت تي آزاد ۽ 39 جڊيشل ريمانڊ تي جيلن ۾ آهن، ايم پي او تحت 2 هزار 258 ماڻهن جي گرفتاري جا آرڊر جاري ڪيا ويا، 3 هزار 50 ماڻهن واقعن ۾ ملوث ثابت ٿيا

پنجاب حڪومت موجب هن وقت ايم پي او تحت 21 ڄڻا جيلن ۾ قيد آهن،  اي ٽي سي تحت 51ڪيس داخل ڪرايا ويا، دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت هڪ هزار 888 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، 108جوابدار جسماني ريمانڊ ۽ 1247جڊيشل ريمانڊ تي آهن

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت 33ڄڻن جي سڃاڻپ پريڊ ٿي آهي، 500 ڄڻن کي بيگناهه قرار ڏئي آزاد ڪيو ويو

Leave A Comment