نيويارڪ(پنهنجي ڊيسڪ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت کي سياسي عمل کان نٿو روڪيووڃي، پر 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي
نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ دوران پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اليڪشن جي تاريخ جو اعلان به جلد ڪيو ويندو، نگران سرڪار جي ڪوشش آهي ته اليڪشن تائين ملڪ ۾ ڪجهه نجڪاري ٿي وڃي ته جيئن نئين حڪومت کي پنهنجو منشور اڳتي وڌائڻ ۾ آساني ٿئي
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ۾ سمورين پارٽين کي شرڪت ڪرڻ جي اجازت هوندي نگران حڪومت ڪنهن لاءِ به رڪاوٽ پيدا نه ڪندي هر ڪنهنکي برابر موقعا هوندا
هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهو قوم جا جوابدار آهن انڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي کين ڪابه رعايت نه ڏينداسين