| 9 مئي ڊجيٽل دهشتگردي: صحافين صابر شاڪر، معيد پيرزاده، وجاهت سعيد، عادل راجا کي 2-2 ڀيرا جنم ٽيپ، 35 سال قيد |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي رياستي ادارن خلاف ڊجيٽل دهشتگردي جي ڪيسن ۾ عادل راجا، حيدر مهدي، وجاهت سعيد، صابر شاڪر ۽ معيد پيرزاده کي ٻه، ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت سڀني جوابدارن کي مجموعي طور 35 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا سان گڏ 15 لک رپيا ڏنڊ به عائد ڪيو. 9 مئي تي رياستي ادارن خلاف ڊجيٽل دهشتگردي جي ڪيسن جو محفوظ فيصلو ٻڌائيندي اي ٽي سي جي جج طاهر عباس سپرا عادل راجا، حيدر مهدي، وجاهت سعيد، صابر شاڪر ۽ معيد پيرزاده کي ٻه، ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ٻين قلمن تحت جوابدارن کي مجموعي طور 35 سال قيد ۽ 15 لک رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ڏني وئي. اي ٽي سي جي جج طاهر عباس سپرا ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو. جيڪو ٿوري دير بعد ٻڌايو ويو. عدالت پراسيڪيوشن جي درخواست تي دهشتگردي قانون تحت جوابدارن جي غيرموجودگي ۾ ٽرائل مڪمل ڪيو، جنهن دوران سرڪاري ڌر طرفان مجموعي طور 24 شاهد پيش ڪيا ويا. آبپاره ٿاڻي جي ڪيس ۾ صابر شاڪر، معيد پيرزاده ۽ سيد اڪبر حسين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته رمنا ٿاڻي واري ڪيس ۾ شاهين صهبائي، حيدر مهدي ۽ وجاهت سعيد کي سزا ڏني وئي. پراسيڪيوشن طرفان راجا نويد حسين ڪياني عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته جوابدارن جي نمائندگي لاءِ عدالت طرفان مقرر ڪيل وڪيل گلفام اشرف گورايه ايڊووڪيٽ پيش ٿيو. پراسڪيوشن طرفان راجا نويد حسين ڪياني عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته جوابدارن طرفان ايڊووڪيٽ گلفام اشرف گورائيا پيش ٿيو، ايڊووڪيٽ گلفام گورائيا کي عدالت طرفان وڪيل مقرر ڪيو ويو هو، دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ موجب جوابدارن جي غير موجودگي ۾ ٽرائل ڪري سگهجي ٿو.