9 مهينن ۾ ڌرڻن معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، آءِ ايم ايف شرط پورا ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا: وزيراعظم
جنوري 2, 2025
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گذريل 9 مهينن ۾ ڌرڻن معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، اُن باوجود حڪومت ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، وفاقي ڪابينا کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف سان طئه ٿيل حدفن ۾ اڃا به فرق هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته ٽارگيٽ ۾ گيپ پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڊسمبر ۾ ايف بي آر اوڳاڙين جو هدف 97 سيڪڙو حاصل ڪيو، هن چيو ته کنڊ جي افغانستان اسمگلنگ ٻُڙي ٿيڻ جو ڪريڊٽ آرمي چيف کي وڃي ٿو، کنڊ ايڪسپورٽ ڪري ناڻو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، 5 مهينن ۾ پرڏيهه کان اماڻيل رقم اٽڪل 15 ارب ڊالرز رهي، ڪارڪردگي اها رهي ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي رڪارڊ 35 ارب ڊالرز تائين پهچي ويندي. وزيراعظم چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام نئين سال لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. اسان وٽ ان کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي ته برآمدات کي وڌايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پورٽ تي فيس ليس انٽريڪشن شروع ڪيو ويو آهي. گذريل سال جولاءِ ۾ ڪراچي پورٽ ويس ته خبر پئي اسان فلاڻي جڳهه ريئل اسٽيٽ ٺاهي رهيا آهيون. مون کي وڏو ڏک ۽ افسوس ٿيو ۽ مان انهن کي چيو ته اوهان جو ڪم پورٽ هلائڻ آهي ريئل اسٽيٽ هلائڻ ناهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ افغانستان ۾ نگران حڪومت جي قيام کانپوءِ دهشتگردي ٻيهر اڀري آئي آهي.گذريل حڪومت خبر ناهي ڪهڙي ذهنيت تي فيصلو ڪري سوين دهشتگردن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترائي دهشتگرد هِتي آيا. اسان جون هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جو ڀرپور مقابلو ڪري رهيا آهن ۽ سندن قربانيون ضرور رنگ لائينديون. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هي سال پاڪستان لاءِ سٺو ۽ خوشحالي ۽ برڪت وارو سال ثابت ٿيندو، شرط اهو آهي ته رڳو محنت، محنت ۽ محنت ڪئي وڃي. ذريعن موجب ڪابينا اجلاس کي رائٽ سائيزنگ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم عملدرآمد پلان طلب ڪري ورتو، ٽيڪسٽائل پارڪ جي ترقي ۾ تعاون لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۽ چائنا ڪمپني وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏني. ذريعن موجب پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ايڪٽ 1996 جي سيڪشن 3(7) ترميم جي منظوري ڏني وئي. پي ٽي اي ميمبرن ۽ چيئرمين جي پگهارن ۽ الائونسز جي طريقيڪار جي به منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب انفارميشن گروپ جي آفيسرن کي انفارميشن سيڪشن ۾ سندن ڪيڊر پوسٽن تي ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جي پاليسي جي به منظوري ڏني وئي. قانونسازي وارن معاملن بابت فيصلن ۽ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي فيصلن جي به ڪابينا ڪميٽي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو. انشاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نئين سال جي شروعات تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. منهنجي دعا آهي ته 2025 جو سج اسان جي ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي واعدي سان اڀري. منهنجي اها به دعا آهي ته نئين سال ۾ اسان گذريل سال جي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي غلطين کي درست ڪري هڪ نئين شروعات ڪريون ۽ هڪ نئين روشن مستقبل جي شروعات ڪريون. وزيراعظم چيو ته اچو نئين سال جي شروعات تي واعدو ڪريون ته هن ملڪ کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جو پاڪستان بڻائڻ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. هي ملڪ اسان جي عوام جي امانت آهي، ان جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ پنهنجو رت ۽ پگهر هڪ ڪري ڇڏينداسين.