بيروت ۾ 9 ۽ غزه ۾ 30 ڄڻا شهيد، اسرائيل ايران تي وڏو حملو نه ڪندو: بائيڊن
آڪٽوبر 4, 2024
بيروت/ واشنگٽن/ تهران (م ڊ) اسرائيلي جنگي جهازن لبنان جي راڄڌاني بيروت جي مرڪز ۾ هڪ عمارت کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا. اسرائيلي جهازن خميس جي صبح بيروت ۾ ڪل 17 حملا ڪيا، جن مان هڪ ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٻيا ڪيترائي زخمي ٿيا. اسرائيلي جيٽ جهازن طرفان نشانو بڻيل عمارت لبناني پارليامينٽ، وزيراعظم جي رهائشگاهه ۽ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر جي ويجهو آهي. اطلاعن موجب اسرائيلي حملي ۾ حزب الله جي ريسڪيو ٽيم کي نشانو بڻايو ويو، آمريڪي صدر جوبائيڊن ايران تي وڌيڪ پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته هو ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن جي حمايت نٿا ڪن. اسرائيلي فوج ايران تي حملو نه ڪندي، حملو ايترو وڏو نه هوندو، واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته ايران کي وڌيڪ پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو، جي سيون اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندو. ايران اسرائيل تي حملي خلاف جي سيون ملڪن جي مذمتي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان جي حملي جي مذمت جانبداراڻي ۽ غير ذميواراڻي آهي، ايران پنهنجي دفاع جي حق کي برقرار رکي ٿو. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي چيو آهي ته جي سيون ملڪن جو بيان خطي ۾ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکڻ بنا ڏنو ويو آهي جيڪو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، واضح ٿا ڪريون ته پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قدم کڻڻ کان پوئتي نه هٽنداسين.